پاڪستان جو ايشيا ڪپ کٽڻ جو خواب پورو نه ٿيو، ڀارت هٿان لڳاتار ٽين شڪست

دبئي( اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو ايشيا ڪپ جو تاج کٽڻ جو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو. ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ ڏني، پاڪستان 146 تي ڍير ٿي وئي. فائنل ميچ ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جنهن بعد پاڪستان جي پوري ٽيم 19.1 اوورز ۾ 146 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. اڀيشڪ شرما 5. شبمن گل 12 ، سوريا ڪمار هڪ رنس تي آئوٽ ٿي ويا.  20 رنسن تي ٽي ڄڻا آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ تلڪ ورما ۽ سنجو سيمسن ٽيم کي سنڀاليو ۽ سنجو سيمسن ٽيم جي 77 رنسن تي 24 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کان پوءِ شيوم ڊوبي ۽ تلڪ ورما اسڪور ڪيو، شيوم ڊوبي 137 رنسن جي گڏيل اسڪور تي آئوٽ ٿيو  پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي، ڀارت آخري آور جي چوٿين بال تي هدف حاصل ڪري ايشيا ڪپ جو تاج ماڻي ورتو. تلڪ ورما 69 رنسن تي ناقابل شڪست رهيو. هوڏانهن ڀارتي ٽيم مودي حڪومت جي چوڻ تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کان ڪپ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ پاڪستاني اپنرن شاندار شروعات ڪئي، صاحبزادا فرحان*38 بالن تي 57 رنسون ٺاهيون ۽ 84 جي مجموعي اسڪور تي ورون جي بال تي ڪئچ آئوٽ ٿيو. صائم ايوب14 رنز تي 113 جي اسڪور تي ڪلدیپ جي بال تي آئوٽ ٿيو.  ان کان پوءِ پاڪستان جي بيٽرن جي قطار لڳي وئي ۽ صرف 33 رنز تي باقي 8 وڪيٽون ڪري پيون. محمد حارث ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. فخر زمان46 رنسون ٺاهيون. حسين طلعت 1 ۽ سلمان آغا 8 رنسون ٺاهيون. شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف کاتو نه کوليو. ڪلديپ ياديو 4 وڪيٽون ورتيون، جسپريت بُمراهه، ورون، ۽ اڪثر پٽيل 2–2 وڪيٽون ورتيون. ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل کيڏيو ويو، جيڪو دبئي جي ميدان تي ٿيو. ڀارت محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو پر محسن نقوي به ڄمي ويو ته قانون موجب ٽرافي هو ئي ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.