ڪابل (م ڊ) افغان حڪومت روس، چين، ايران ۽ پاڪستان جي ان موقف جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ افغانستان ۾ پرڏيهي فوجي اڏن جي مخالفت ڪئي وئي، اها ڳالهه طالبان حڪومت جي نائب ترجمان حمد الله فطرت صحافين کي جاري ڪيل بيان ۾ چئي. حمد الله فطرت وضاحت ڪئي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏني ويندي ۽ نه ئي ڪنهن هٿياربند گروهه کي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي.