سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ننڍي عمر ۾ شادي جو لاڙو اڄ به هڪ سنگين سماجي مسئلو بڻيل آهي. اهڙي عمل کي نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي سمجهيو وڃي ٿو، پر اهو ٻارن جي مستقبل، تعليم، صحت ۽ ذهني واڌ ويجهه تي به تباهه ڪن اثر ڇڏي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر ۾ شادي سان نه رڳو ڇوڪرين جي زندگي خطرن ۾ اچي ٿي، پر سماج ۾ غربت، گھريلو تشدد ۽ عورتن جي محروميءَ جا دائمي سلسلا جنم وٺن ٿا.پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي تائين ننڍي عمر جي شادي کي روڪڻ لاءِ واضح قانون موجود نه هئا. پر سنڌ حڪومت 2013ع ۾ ۾ ”سنڌ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ“ منظور ڪيو، جيڪو پاڪستان ۾ پهريون قانوني قدم هو جنهن تحت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ شادي جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪئي وئي.
هن قانون مطابق ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ تي 2 کان 3 سال قيد يا ڏنڊ لاڳو ٿئي ٿو ۽ هي ڏوهه ناقابل ضمانت قرار ڏنو ويو آهي.2023ع ۾ وفاقي شريعت عدالت پڻ هن قانون کي شريعت سان مطابقت رکندڙ قرار ڏنو ۽ واضع ڪيو ته شادي جي عمر مقرر ڪرڻ وقت مالي، تعليمي ۽ ذهني تياري کي به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي.ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ تي 2 کان 3 سال قيد يا جرمانو لاڳو ٿيندو.هي ڏوهه ناقابل ضمانت قرار ڏنو ويو آهي.نڪاح خوان ۽ رجسٽرار تي ذميواري وڌي وئي آهي ته هو عمر جي تصديق کان سواءِ شادي نه ڪرائن.
سنڌ ۾ اڃا به لڳ ڀڳ 22 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي 18 سال کان اڳ ٿي وڃي ٿي.يونيسيف جي رپورٽ (2022ع) مطابق پاڪستان ۾ هر چوٿين ڇوڪري جي شادي ننڍي عمر ۾ ڪرائي ويندي آهي صرف سنڌ ۾ 2020ع کان 2024ع تائين 1500 کان وڌيڪ ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، جن ۾ گهڻا ڪيس ڳوٺاڻن علائقن ۾ رپورٽ ٿيا.قانوني ايڊ سوسائٽي ۽نيشنل ڪميشن آن ڊي اسٽيش آف وومن جي گڏيل تحقيق موجب ننڍي عمر ۾ شادي ٿيل ڇوڪرين مان 70 سيڪڙو پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگهيون. ماهرن موجب، ننڍي عمر ۾ شادي ٻنهي ٻارن جي زندگي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. نابالغ ڇوڪرين ۾ وقت کان اڳ حامله ٿيڻ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي، جيڪا ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. ننڍي عمر ۾ شادي سان گڏيل گهريلو تشدد، غربت ۽ ذهني دٻاءُ به وڌي ويندو آهي.نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومن، ليگل ايڊ سوسائٽي، يو اين ايف پي اي، آواز دو ۽ يو ڪي انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ جي سهڪار سان ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ ماهرن زور ڏنوهو ته ننڍي عمر جي شادي سماجي برائي آهي ۽ ان بابت آگاهي مهم هلائڻ انتهائي ضروري آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر ۾ شادي کان پوءِ وقت کان اڳ حمل عورتن جي صحت لاءِ خطرناڪ آهي.ننڍي عمر ۾ ماءُ بڻجندڙ ڇوڪرين ۾ بلڊ پريشر، خون جي کوٽ ۽ حمل جي پيچيدگين جو امڪان وڌي ويندو آهي. ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي موت جو خطرو ٻيڻو ٿي ويندو آهي.نفسياتي دٻاءُ، ڊپريشن ۽ خودڪشيءَ جا واقعا به وڌن ٿا.ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊي عمر ۾ شادي جا سبب گهڻا آهن، جن ۾غربت ڪري والدين مالي مجبوريءَ سبب ٻارن کي جلدي شادي ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.تعليم جي کوٽ سبب والدين ننڍي عمر ۾ شادي کي مسئلو نه سمجهن ٿا.هنن چيو ته ڳوٺاڻن ۽ قبائلي علائقن ۾ بدي جون شاديون اڄ به عام آهن. عزت بچائڻ جي نالي تي ڇوڪرين کي جلدي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. ڪجهه صحافين جو چوڻ هو ته اسان 2010۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ ننڊي عمر جي ڇوڪرين جون شاديون ڪرڻ جو وڏو سبب هئي هو ته ڪميپ ۾ هنن جو نياڻيون غير محفوظ هيون. عام ماڻهو جو خيال هوندو آهي ته ڇوڪرين جي شادي ڪرائي وڃي ته هو محفوظ ٿينديون.ماهرن ڪجهه ڪيسن جو حوالو ڏنو ته 15سالن جي ڇوڪري جي شادي 40 سالن جي ماڻهو سان ڪرائي وئي، جيڪا صحت جي خرابي سبب ٻن مهينن ۾ فوت ٿي وئي.ٺٽي جي عدالت هڪ ڪيس ۾ نڪاح کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇوڪري کي والدين جي حوالي ڪيو.ڪراچي ۾ پوليس فوري طور تي مداخلت ڪري 14 سالن جي ڇوڪري جي شادي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي. اهي ڪيس ظاهر ڪن ٿا ته قانون موجود آهي، پر ان تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
چئيرپرسن نيشنل ڪميشن آن ڊي اسٽيش آف وومن ام ليليٰ اظهر چيو ته ننڍي عمر ۾ شادي صرف ڇوڪرين جي صحت لاءِ خطرناڪ نه آهي، پر پوري سماج لاءِ هڪ بار آهي، ڇو ته اهو غربت ۽ محروميءَ جو سلسلو جاري رکي ٿو.صوبائي وزير وومن ڊويليمنٽ شاهينه شيرعلي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي ننڊي عمر جي شادين کي روڪڻ جي لاءِ پهريون قانون پاس ڪيو ويو .هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبي ۾ شادي جي عمر بابت واضح قانون هجڻ گهرجي. حڪومت، سماج ۽ ميڊيا گڏجي هن مسئلي تي ڪم ڪن ته جيئن ان کي ختم ڪري سگهجي.قانوني ماهر شميم عباسي چيو ته جيستائين نڪاح خوان ۽ والدين کي ذميوار نه بڻايو ويندو، تيستائين ننڍي عمر ۾ شادي جو سلسلو جاري رهندو
ماهرين ننڊي عمر جي شادي روڪڻ جي لاءِ مختلف تجويزون ۽ حل ڏنا .هن چيو ته تعليم جي واڌاري لاءِ اسڪالرشپس ۽ پروگرام خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ شروع ڪيا وڃن.نڪاح رجسٽريشن سسٽم کي ڊجيٽل ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به عمر جي غلط ڄاڻ نه ڏئي سگهي.هن نڪاح خوان جي تعليم تي به زورڏنو آهي .سماجي آگاهي مهمون اسڪولن، ميڊيا، ۽ ڪميونٽي سطح تي هلائيون وڃن.هنن چيو ته غيرانساني رسمون جهڙوڪ واني ۽ سوارا ختم ڪرڻ لاءِ قانوني ڪاروائي ۽ قبائلي اڳواڻن سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي.ٻوڏ ۽ آفتن متاثر خاندانن کي مالي سهائتا ۽ سماجي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن اهي مجبور ٿي شادي نه ڪرائن.هنن چيو ته سنڌجي اندر قانون ته ٺاهيا وينداآهن پر هن ته عمل نه هوندو سختي سان عمل ڪرايو وڃي .سزاهن جرمانن کي وڌيڪ رکيو وڃي .سڀني کان وڌي ڳالهه هئي آهي سموري ملڪ هن قانون هجي گهرجي .
ننڍي عمر ۾ شادي صرف هڪ خانداني فيصلو ناهي، پر اهو پوري سماج جي مستقبل سان جڙيل آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن کي تعليم، صحت ۽ محفوظ زندگي ڏيڻ چاهيون ٿا ته ننڍي عمر ۾ شاديءَ کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. ان لاءِ قانون تي سخت عملدرآمد، سماجي روين ۾ تبديلي، حڪومت جي ذميواري، ۽ سول سوسائٽيءَ جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.
سنڌ ۾ اڃا به لڳ ڀڳ 22 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي 18 سال کان اڳ ٿي وڃي ٿي.يونيسيف جي رپورٽ (2022ع) مطابق پاڪستان ۾ هر چوٿين ڇوڪري جي شادي ننڍي عمر ۾ ڪرائي ويندي آهي صرف سنڌ ۾ 2020ع کان 2024ع تائين 1500 کان وڌيڪ ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، جن ۾ گهڻا ڪيس ڳوٺاڻن علائقن ۾ رپورٽ ٿيا.قانوني ايڊ سوسائٽي ۽نيشنل ڪميشن آن ڊي اسٽيش آف وومن جي گڏيل تحقيق موجب ننڍي عمر ۾ شادي ٿيل ڇوڪرين مان 70 سيڪڙو پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگهيون.