نديم افضل ڄاڻي واڻي پروپيگنڊا پيو ڪري: عظميٰ بخاري

لاهور (بيورو) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري، پ پ اڳواڻ نديم افضل چن جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نديم افضل چن ڪجهه ڏينهن کان ذهني دٻاءُ ۾ آهي يا ڄاڻي واڻي پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي، عظميٰ بخاري موجب قرضن بابت بي بنياد خبرن جا تفصيل 26 آگسٽ تي ميڊيا سان شيئر ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ڪوڙي پروپيگنڊا ٻيهر ورجائڻ پيڪا ايڪٽ جي دائري ۾ اچي ٿي، هن چيو ته هتڪ عزت بل موجب اميد آهي ته اوهان اها ڪوڙي خبر عدالت ۾ ثابت ڪري سگهندئو، ياد رهي ته نديم افضل چن چيو هو ته هارين جي سڄي سال جي محنت ٻوڏ ۾ هلي وئي،  متاثرن کي وزيرن جي دوري بدران سهائتا گهرجي ۽ کنڊ جي کوٽ تي به جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.