حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سنيئروائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقار ليڊي، پريس سيڪريٽري اياز سولنگي مالياتي سيڪريٽري آزاد دل ۽ رابطا سيڪريٽري ڪمال مهر، جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي جي گھر تي ھٿياربندن جي ٿيل فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آھي تـ سنڌ ۾ پرامن سياسي ڪارڪن عام شھري توڙي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻھو مڪمل غير محفوظ آھن، سنڌ تي ڀيانڪ لاقانونيت جو راڄ آھي ھر طرف ڏوھاري ڇڏيا ويا آھن جن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، قانون جي عدم موجودگي حڪومتي نااھلي سبب سنڌ ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آھي سياسي ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪرڻ يا مٿن ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ رکي ماڻهن جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نواز شاهه ڀاڏائي جي گھر تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.