سنڌ حڪومت جو ترقياتي منصوبن تي وفاقي اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبائي ترقياتي منصوبن تي وفاقي اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سنڌ حڪومت وفاقي ڪمپني پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني  کي خط لکي صوبائي ترقياتي اسڪيمون روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي، خط ۾ ڄاڻايو ويو  ته 26 سيپٽمبر تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ ڊي سي ايل جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو، خط ۾ چئي ويو ته شهري پيڪيج وارن منصوبن ۾ پي آءِ ڊي سي ايل جي مداخلت غيرقانوني آهي ۽ ڪمپني کي رڳو اڳوڻا پاڪ ڊبليو پي ڊي منصوبا مڪمل ڪرڻا پوندا، خط موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري ترقياتي پيڪيجز پي آءِ ڊي سي ايل جي دائري اختيار کان ٻاهر آهن، وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ طئي ٿيل دائري جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.