راڌڻ ڀرسان گم ٿيل 2 معصوم ٻارن جا پاڻي جي تلاءُ مان لاش هٿ

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) راڌڻ ڀرسان شاھ پنجو سلطان ٿاڻي جي حد مان ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل معصوم ٻارن جا پاڻي جي تلاءُ مان لاش مليا، ٻئي معصوم ٻارڙا شاھزيب پٽ  عامر علي چوهاڻ ۽ مرتضيٰ  پٽ غلام مصطفيٰ سولنگي گم ٿي ويا هئا، ٻارن جا وارث پاران شوشل ميڊيا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن پاڙي وارن ميٽ مائٽن کان پڇا ڪندا رھيا، شاھ پنجو ٿاڻي اطلاع  پڻ ويو پر ڪا خبر پئي نه سگهي، 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد ٻنھي مصوم ٻارڙن لاش شاھ پنجو ڀرسان ڳوٺ بخش لاکير پاڻي جي تلاءُ  مان مليا، شاھ پنجو سلطان جي رهواسي 9 سالن جي شاھزيب پٽ عامر علي چوهاڻ  ۽ 8 سالن جي مرتضى پٽ غلام مصطفى سولنگي جا لاش صبح جو ڳوٺ بخشل لاکير جي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان ھٿ ڪيا ويا، ٻنهي معصومن جا لاش گهر ۾ پهچڻ تي قھرام مچي ويو، سڄي ڳوٺ ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، پوليس معاملي جي جاچ تيز ڪري ڇڏي، ٻڌايو پيو وڃي ته چوهاڻ ۽ سولنگي برادرين ۾ هڪٻئي سان مٽي مائٽي ٿيل هئي ۽ پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.