ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا )ميھڙ جي ڪچي واري علائقي دودو ڪلھوڙ ڀرسان ڳوٺ خليفو ڪلھوڙو ۾ ايوب ڪلھوڙو جون ٽي نياڻيون ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون جن جا لاش مقامي ماڻھن ڪڍي وارثن حوالي ڪيا نينگرين جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، درياهه جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل ٽنهي ڀينرن جي عمان ، زبيران ۽ ھميراہ طور سڃاڻپ ٿي، پوليس موجب ايوب ڪلھوڙو ۽ ٻين جا گھر درياهه جي ٻيٽ تي آھن، درياهه ۾ پاڻي وڌي وڃڻ سبب ايوب ڪلھوڙو پنھنجي ڀاءُ وٽ اچي ترسيون هيون، جڏھن ته ٽئي نياڻيون دڪان تان سودو وٺي پاڻي مان پنهنجي گھر وڃي رھيون ھيون ته ھڪ نينگري پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳي جنھن کان پوءِ ھڪ ٻئي کي بچائيندي ٽئين ڀينرون پاڻي جي تيز وھڪرن ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون جن جا لاش مقامي ٽوٻن ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ٽنهي معصوم ڀينرن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لھر پکڙجي وئي.