ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس اهلڪارن تي شهري کي حراست ۾ رکي تشدد ۽ رشوت وٺڻ جي حوالي سان داخل درخواست تي عدالت آءِ جي سنڌ کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جاچ کان پوءِ قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي، عدالت چيو ته درخواستگذار آءِ جي سنڌ کي به درخواست ڏني پر ان تي ڪاروائي نه ٿي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گلبرگ ۾ هڪ شهري تي پوليس اهلڪارن تشدد ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو ، ڪيترائي ڪلاڪ بند ڪري رکيو هن کان پوءِ آزادي جي لاءِ هڪ ڪروڙ طلب ڪيو، ايس ايڇ او رقم نه ڏيڻ تي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏينون، پوليس سخت دٻاءُ بعد 5لک ڪيش ۽ 55 لک چيڪ ورتو، آزادي کان پوءِ هو ٿاڻي ۾ رپورٽ ڪرائي پر هن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، آءِ جي سنڌ کي درخواست ڏني پر ڪارروائي نه ڪئي وئي.