ڪوئيٽا (م ڊ) ماهه رنگ بلوچ سميت بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جا پنج اڳواڻ جيل منتقل ٿي ويا، ماهه رنگ بلوچ سميت بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي پنج اڳواڻن کي عدالت جي حڪم تي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو، اڳواڻن کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جج کين وڌيڪ ريمانڊ بدران عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڪوئيٽا ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي بي وائي سي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت پنج اڳواڻن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، هنن کي 15 ڏينهن جو ريمانڊ ختم ٿيڻ تي سخت سيڪيورٽي هيٺ ڪوئيٽا ون جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٻين اڳواڻن ۾ بيبو بلوچ، گلزادي بلوچ، صبغت الله شاهه جي ۽ ويل چيئر تي ويٺل بيبرگ بلوچ شامل هئا، عدالت ۾ اسرار جتڪ ايڊووڪيٽ ۽ شعيب مينگل ايڊووڪيٽ پيش ٿيا، جن ٻڌايو ته سي ٽي ڊي وڌيڪ ريمانڊ جي درخواست ڪئي هئي پر اسان ان جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد جج محمد علي مبين کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، ياد رهي ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي ٻين اڳواڻن کي هن سال مارچ جي آخر ۾ ان احتجاجي ڌرڻي کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو هو، عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي عورتن سميت بي وائي سي جا حامي به عدالتي اڱڻ ۾ موجود هئا، جن گرفتار اڳواڻن کي ڪورٽ کان ٻاهر قيدين جي وين تائين کڻي وڃڻ دوران سخت نعريبازي ڪئي.