ڪراچي (رپورٽر) شازيا عطا مري، مريم نواز جي بيان کي تنگ نظر ۽ نفرتون پيدا ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو، پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو ته وزيرعليٰ مريم نواز جا بيان تنگ نظر ۽ نفرتون پيدا ڪندڙ آهي، شازيا مري جو چوڻ هو ته پاڪستان سکڻا بيان برداشت نٿو ڪري سگهي، مريم نواز کي خدمت واري ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، نفرتون پيدا ڪرڻ نه گهرجن، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو هميشه ٻوڏ متاثرن جي مدد تي ڌيان ڏئي ٿو، جيڪي ماڻهو متاثرن لاءِ رليف گهري رهيا آهن، اهي سياست نٿا ڪن، ماڻهو اڃا تائين پاڻي ۾ ڦاٿل ۽ مدد جا منتظر آهن، پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، سکڻن بيانن تي يقين نٿا رکون، شازيا مري جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو جوس جي دٻن تي پنهنجون تصويرون لڳائي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي ان کي رليف ورڪ سڏين ٿا، اهي اصل ۾ سياست ڪري رهيا آهن، مسلم ليگ (ن) جي پنجاب حڪومت کي ڏيکاءُ بدران خدمت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، بي گهر متاثرن لاءِ رليف گهُرڻ ڏوهه ناهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مدد گهري، جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ساراهه به ڪئي، ساڳي وقت وفاق کي چيو ته قدرتي آفت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، بلاول ڀٽو زرعي ايمرجنسي ۽ بجلي جي بلن ۾ رليف جو مطالبو به ڪيو، شازيا مري ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي مطالبن کي تسليم ڪيو، کيس گهرجي ته بي آءِ ايس پي ذريعي فوري ڪيش امداد جو اعلان ڪري، جيئن 2022ع ۾ ڪيو ويو ه، هن وڌيڪ چيو ته بي آءِ ايس پي ذريعي 2022ع ۾ به متاثرن کي فوري امداد ملي هئي ۽ وزيراعظم جو رمضان پيڪيج به ساڳي نظام وسيلي ڏنو ويو هو، شازيا مري وفاقي حڪومت کان سوال ڪيو ته جڏهن اهو ڪامياب سماجي تحفظ وارو نظام موجود آهي ته پوءِ فوري رليف لاءِ ان کي ڇو استعمال نٿو ڪيو وڃي؟