موسيقي جي استادن جو 11هين ڏينهن به احتجاج، سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ

ڪراچي (رپورٽر) آءِ بي اي پاس موسيقي استادن جو احتجاج 11هين ڏينهن به جاري رهيو، وڏي تعداد ۾ استادن پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪيو ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس سرور شهيد روڊ وٽ بسون ۽ رنڊڪون رکي مظاهرين کي روڪيو ۽ وڏي نفري مقرر ڪئي. ڊي ايس پي صدر ڳالهين لاءِ پهتو، پر موسيقي استادن سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، جنهن بعد مظاهرين سرور شهيد روڊ تي ڌرڻو هنيو. پوليس موجب آرٽس ڪائونسل کان پريس ڪلب ويندڙ روڊ به بند ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.