”جلسن سان پي ٽي آءِ جو باني آزاد نه ٿيندو“

پشاور (م ڊ) گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هن وقت جلسن جو موقعو ناهي، جلسن سان پي ٽي آءِ جو باني آزاد نه ٿيندو، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جلسا ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن تي بار آهن ۽ ماڻهن کي ڪرائي تي آندو ويندو آهي، ڪي پي جو وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور واضح پاليسي ڏيئي، ادارن سان گڏ آهي يا دهشتگردن سان، هڪ ماڻهو هڪ بيان ڏئي ٿو ته ٻيو ٻيو ڪجهه چوندو آهي، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان جو مسئلو آهي، حڪومت طرفان ڪا واضح پاليسي نظر نٿي اچي، جڏهن ته صوبي کي خودمختيار ٿي واضح رخ ڏيڻ گهرجي، عوام قربانيون ڏنيون آهن، پر وزيراعليٰ کي پاڻ کي به خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.