پينشن سڌارن جي اوٽ ۾ ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافي

سيما عباسي

سنڌ جي لکين سرڪاري ملازمن جي دلين ۾ اڄ هڪ ئي عدم استحڪام جي باهه ڀڙڪي اٿي  آهي ـ اها باهه دراصل ناانصافي، جبر ۽ خاموشي جي باهه آهي. حڪومت طرفان پينشن ريفارمز جي نالي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن سي نه رڳو سرڪاري ملازمن جي روزگار ۽ مستقبل تي ڪارا ڪڪر بڻجي بيٺا آهن  پر سندن گهرن جي چُلهن کي وسائڻ جي ڪوشش آهن. اها رڳو اقتصادي ناانصافي ئي ناهي، پر انساني وقار سان کليل ڇيڙڇاڙ پڻ آهي.

سنڌ جا سرڪاري ملازم، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ سرڪاري ادارن جي خدمت ۾ صرف ڪن ٿا، سي اڄ هڪ هڪ پگهار جي روپئي کي ڳڻين ٿا. پر افسوس، کين اهو حق به نٿو ڏنو وڃي، جيڪو ٻين صوبن جا ملازم حاصل ڪن ٿا. ڊسپيرٽي الائونس جي محرومي، هڪ اهڙو زخم بڻجي چڪو آهي، جنهن تي حڪومت جي لا پرواهي لوڻ هارڻ جي برابر آهي.نئين پينشن پاليسي، جنهن تحت ڪميشن ۽ گريجويٽي ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، سرڪاري ملازمن لاءِ وڏو ڌڪ آهي. ملازمن جو چوڻ آهي ته حڪومت کين سهولتون ڏيڻ بجاءِ بک ۽ پريشاني ڏانهن ڌڪي رهي آهي. نتيجي ۾ تعليمي ادارا ويران، اسپتالن ۾ او پي ڊيز بند، ۽ سرڪاري آفيسون هڙتال سبب مفلوج ٿي ويون آهن. صرف ايمرجنسي خدمتون جاري پيون رهيون.

ملازمن جو اتحاد  سنڌ ايمپلائيز الائنس ” 23 سيپٽمبر کان تالا بندي جو اعلان ڪري چڪو آهي، جڏهن ته اڳواڻن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ بلاول هائوس آڏو وڏو احتجاجي ڌرڻو رکيو ويندو. ملازمن جا بنيادي مطالبا آهن ڪهڙا۔۔ان حوالي سان مک مطالبو آهي اهو هي آهي ته پينشن ريفارمز بابت جاري ڪيل سڀ نوٽيفڪيشن فوري طور واپس ورتا وڃن. ٻيو ته سنڌ جي سڀني ملازمن (BPS-1 کان BPS-22 تائين) جي پگهارن ۽ پينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٪70 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. ٽيون ڊسپيرٽي رڊڪشن الائونس (DRA) ٪50 سيڪڙو سنڌ جي سڀني ملازمن کي پڻ ڏنو وڃي. چوٿون بلوچستان حڪومت جي نموني تي گروپ انشورنس ۽ بئنيوولنٽ فنڊ جا فائدا سنڌ جي سڀني ملازمن کي رٽائرمينٽ کان پوءِ ڏنا وڃن. پنجون فوتگي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، جيئن ملازمن جي وارثن لاءِ روزگار محفوظ رهي. ان حوالي سان اسان جا اهم خدشا ۽ شڪايتون هي آهن ته رٽائرمينٽ کان پوءِ گريجويٽيءَ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ ملازمن لاءِ انتهائي وڏو صدمو آهي پينشن ۾ 30 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ گهٽتائي نه رڳو ناجائزي ۽ ناانصافي آهي پر بيوسيءَ جي علامت پڻ آهي.

بيواهن کي رڳو ڏهن سالن تائين پينشن ڏيڻ وارو فيصلو معاشري جي اخلاقي بنيادن سان ٽڪراءُ آهي.جيڪو شايد واپس ورتو ويو آهي وفاقي ملازمن کي ملندڙ الائونسز کان سنڌ جي ملازمن کي محروم رکڻ، سندن دلين ۾ احساسِ محرومي وڌائي رهيو آهي. سياسي ۽ سماجي پس منظر جي حوالي سان پيپلز پارٽي، جيڪا ڏهاڪن کان سنڌ جي اقتدار ۾ آهي، ملازمن جي مسئلن تي بي حسيءَ سان نه رڳو ملازمن جو اعتماد وڃائي رهي آهي، پر عام شهرين تائين به منفي پيغام پهچائي رهي آهي. اهو تاثر وڌي رهيو آهي ته حڪومت کي وڏن منصوبن ۽ اشتهارن جي سياست کانسواءِ عام استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي روزمره مسئلن سان ڪو به سروڪار ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي تازو پريس ڪانفرنس ملازمن لاءِ ڪجهه اميدن جا ڏيئا ضرور روشن ڪيا، پر عملي قدمن کانسواءِ اهي رڳو زباني آسرا بڻجي رهندا. ملازم هاڻي تقريرن کان وڌيڪ عمل جا طالب آهن. ايندڙ امڪاني صورتحال جي تناظر ۾ جيڪڏهن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجي لهر محدود نه رهندي. ۽ ان جو دائرو وسيح ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي ۽ اهو احتجاج شاگردن، مريضن ۽ عام ماڻهن تائين پکڙجي وڃڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو۔ عوام جو اهو وڌندڙ غصو ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، جيڪو پيپلز پارٽي لاءِ سياسي ڌڪ کان گهٽ نه ثابت ٿيندو . مطلب ته حڪومت وٽ اڃا به وقت آهي ته هو سنجيدگيءَ سان پنهنجو رويو تبديل ڪري. ملازمن جا جائز مطالبا مڃي، پينشن ۽ روزگار کي محفوظ بڻائي، ۽ اهڙو نظام جوڙي، جنهن ۾ هر ملازم کي يقين هجي ته سندس خدمتن جو صلو سچي معنيٰ ۾ ملندو. ٻي صورت ۾، هي احتجاجي لهر نه رڳو ادارن کي مفلوج ڪندي، پر حڪومت جي سياسي بنيادن کي به لوڏي ڇڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.