هر سال برساتن بعد جيئن ئي موسم ۾ تبديلي يعني گرمي ۾ گهٽتائي بعد نارمل ٿڌ شروع ٿئي ٿي تيئن سيلاب زده ۽ گندگي وارن علائقن ڳوٺن ۽ شهرن سوڌو هن موسم ۾ مڇرن ۾ بي پناھ واڌ سان مليريا جهڙي خطرناڪ بيماري ڪر کڻي ٿي ۽ جنهن سان گڏگڏ گيسٽرو به پکڙجي وڃي ٿي پر سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي کي خبر به آھي ته هنن مهينن ۾ اهڙا موذي مرض پکڙجن ٿا پر انهن بيمارين کان بچائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي نه اعلي سطح کان عملدارن کي ڪي هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون نه وري ضلعي تعلقي ۽ يوسي سطح انتظاميه انهن بيمارين کان عوام کي بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺي ٿي.
هن وقت سنڌ جي ھڪ نه پر مڙني ضلعن ۾ لکين ماڻھن مردن عورتن ۽ معصوم ٻارن ۾ مڇرن جي آزار سبب مليريا کان پوءِ ڊينگي وائرس جهڙي خوفناڪ وبا جا ڪيس رونما ٿي رهيا آهن پر صحت کاتي جي ڪنن تي جونءِ به ڪان پئي چري جو هو شهرن ۾ مڇرماري اسپري ڪرائي ماڻھن کي بچائڻ لاءِ گهربل شيون جنهن ۾ مڇردانيون۽ گهرن جي لاءِ پاڻمردو اسپري ڦوهارو فراهم ڪن. سنڌ جي مڙني اسپتالن ۾ هن موسم ۾ مڇردانيون ڏنيون وڃن ٿيون پر خبرناهي انهن جي فراهمي تي ڄڻ پابندي عائد ڪئي وئي آهي مڇرن جي آزار سبب وڏي پئماني تي پوري سنڌ مان عوام جون دانهون اچي رهيون آهن پر ڪروڙين رپيا صحت کاتي انتظاميه کي ملڻ باوجود مڇر به نٿا مارائي سگهن
تازو سانوڻي وسڪارن جي مند ختم ٿيندي ئي سڄي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي شهرن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي پر ڪي به اپاءُ نه پيا ورتا وڃن ڏٺو وڃي ته جيترا مسئلا سنڌ صوبي جي وڏن شهرن سميت ٻھراڙين تائين جي اسپتالن ۾ آهن شايد ٻئي ڪنهن هنڌ نه هجن, نالا وڏا ديھ ويران وڏين وڏين نالي وارن اسپتالن ۾ هاءِ ليول جي ڊگري هولڊر ڊاڪٽر حضراتن پنهنجي پيشي کي صرف ڪمائي ۽ مال ميڙڻ تائين محدود بڻائي ڇڏيو آھي مريضن جو مرضن مان آجو ٿيڻ ھن دور ۾ ناممڪن لڳي رهيو آهي, ڪروڙين رپين جو ايڊون, ڊونرس تنظيمن جو سهڪار ۽ ٻيون سهولتون ڪوششون ۽ دعوائون صرف دعوائون ئي ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون پيون وڃن شهري علائقن کان علاوه ٻهراڙين جي عوام کي ته صرف صحت جو نالو ئي ٻُڌايو پيو وڃي اسپتالن کي ڪرپشن ذريعي ايترو ته برباد ڪيو ويو آهي جو ماڻھون لکين رپيا ڀري اسپتالن مان علاج ڪرائيندي به بيمارين مان آجپو نه پيا حاصل ڪن
هينئر پوري سنڌ اندر سانوڻي جي برساتن بعد مليريا ۽ ڊينگي وائرس کان پوءِ گيسٽرو بيماري سبب به صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آھي خاص طور اهي علائقا جتي جي رهواسين کي هڪ ته غربت جيئڻ نٿي ڏئي ٻئي طرف مليريا بيماري به متيون منجهائي ڇڏيون آھن برساتن کان پوء روڊ رستا مڪمل تباه ٿي وڃڻ سبب رهواسين جو شهري اسپتالن ۾ پهچڻ ناممڪن آهي ٻيون وري سرڪار ۽ صحت کاتي جي نااهلي ماڻھن کي وقت سر علاج جون ڪٿي به سهولتون ميسر ناهن مليون جيئن برساتن جي موسم ختم ٿي آهي ته سرڪار پنهنجن ذميوارين آڌار پوري ڪاڇي جي ٻھراڙين ۾ مليريا ڊينگي وائرس ۽ گيسٽرو بيماري جي روڪٿام لاءِ ميونسپل ڪاميٽين توڙي لوڪل نمائندن کان مليريا اسپري ڪرائڻ گهرجن هاپرسرڪار جي روايتي ڍرائي سبب ڪنهن به ڳوٺ ۾ اسپري نه ڪرايو ويو آهي
جڏهن پهريون برساتون بند ٿينديون هيون سنڌ حڪومت ضلعي تعلقي ۽ يوسي سطح تائين ڳوٺن ۾ ترت اسپري وارو ڪم صحت کاتي کان انتهائي بهتر نموني ڪرايو ويندو هو هن موسم ۾ هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ مليريا کان بچاءُ لاءِ ملازمن کان هي ڪم ورتو ويندو هو پر هاڻي خبر ناهي ته مليريا جا ملازم اسپتالن ۾ آھن يا نه ۽ صحت کاتي کي اسپري جي بجيٽ به ملي ٿي يا نه ايتري قدر جو اسپتالن ۾ مڇردانيون به وڪرو ڪيون پيون وڃن
هينئر سڄي سنڌ سميت ڪاڇي تائين مليريا جي مريضن ۾ اضافي تي حڪومت کي ڪابه ڳڻتي ناهي حڪمرانن جي ڪاهلي سبب گذريل ٻن ڏهاڪن کان صحت کاتي پاران ڪروڙين رپيا بجيٽ وٺڻ باوجود ڪنهن به هنڌ اهڙن وچڙندڙ بيمارين تي ڪنٽرول لاءِ اسپري نه ڪرائڻ جي ڪري مليريا مرض بعد ڊينگي وائرس جهڙا خطرناڪ مرض پکڙجي ويا آهن اسپري ڪرائڻ حڪومت جي اهم ذميواري آهي ڇو جو اهو عوام جو بنيادي حق آهي۽ اهي سهولتون کيس ڪنهن به صورت ۾ عوام کي ميسر هجڻ گهرجن پر اڄ جي حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب اهڙن بنيادي سهولتن کان عوام کي بلڪل محروم رکيو ويو آهي جيڪڏهن چئجي ته اهي سهولتون کيس هر صورت ۾بنا ڪنهن دير جي ملڻ گهرجن ته اها به ڪاغلط ڳالهه نه ٿيندي هن وقت دنيا کي جديد ٽيڪنالاجي سبب گلوبل وليج ته بڻايو ويو آهي ۽ معاشري جو هر فرد سڄي دنيا کي پنهنجي انتهائي ويجهو اچي پهچايو آهي پر عجيب اتفاق آهي اهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته اڄ جي حڪمرانن طرفان عوام کي اهي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪيون پيو وڃن ملڪ جي عوام جي وڏي بدنصيبي آجو ورهين کان نا اهل ۽ ڪرپٽ حڪمراني سبب کين صحت جون گهربل سهولتون ميسر نٿي رهيون آھن اسپتالون ويران لڳيون پيون آهي پرائيويٽ اسپتالن تي مريضن کي بيڊ نه پيا ملن هينئر اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته صحت جون سهولتون نه هئڻ جي برابر آھن صحت جي حوالي سان سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن کان وٺي نااهل حڪمرانن جي سزا عام ماڻھون ڇو ٿو ڀوڳي هيئنر چئي سگهجي ٿو ته سمورن صحت مرڪزن جا حال هيڻا آهن جتي صحت جي حوالي سهولتون نه هئڻ برابر آهن انهن جو تدارڪ ڇونه ٿو ڪيو وڃي، آخر ڪار انهن شڪايتن جو ازالو ڪير ڪندو ڇا عوام هاڻي اهو سمجهي چڪو آهي ته سنڌ صوبي ۾ صحت کاتي واري وزارت سامهون اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي جو ان کان حل ٿي نه ٿو سگهي ۽ کاتي کي بلڪل غير فعال ڇو بڻايو ويو آھي لکين ماڻھن جون زندگيون مليريا ۽ ڊينگي وائرس سبب داءُ تي ڇو لڳايون پيون وڃن ؟ پرسوال هي آهي آخر صحت کاتي کي غيرفعال بڻائڻ وارو مسئلو حل ڇو نه ٿو ٿئي ۽ اسپتالن ۾ سهولتون ڇو نٿيون ڏنيون وڃن پوري سنڌ جا مريض اهڙين شڪايتن کي بالا اختيارين تائين پهچائڻ لاءِ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آھن ۽ هاڻي به هر ماڻھون ڪري رهيو آهي ۽ اها ئي توقع ڪئي پئي وڃي ته حڪومت انهن شڪايتن جو ازالو ڪڏهن ڪندي ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ جو فوري نوٽس وٺي صحت واري کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ گهرجي جنهن صحت کي انسان لاءِ هزار نعمتن جو درجو مليل آھي ان صحت لاءِ عوام پريشان حال نظر اچي رهي آهي سنڌ حڪومت پنهنجن ذميوارين کي نڀائيندي سمورن اسپتالن ۾ خطرناڪ بيمارين کان بچاءَ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن ۽ ريفر سينٽرن ۾ تبديل ٿيل اسپتالن کي بهتر بڻائي ۽ غريب عوام صحت سهولتن جي کوٽ سبب انتهائي پريشانين کي منهن ڏيندي پرائيويٽ ڪلينڪن جي ڪاسائي ڊاڪٽرن وٽ ڪسجي رهي آهي سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي کي پنهنجي ذميوارين کي جيڪڏهن پوري طرح نڀائڻو آھي ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي سميت تمام سهولتون ميسر ڪيون وڃن جيئن مسڪين ماڻھون وقت سر پنهنجي اسپتالن مان علاج ڪرائي سگهن ۽ هن وقت پوري سنڌ ۾ مڇرن ۾ واڌ سبب وڏي تعداد ۾ مليريا ڪيس ظاهر ٿيا آھن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ نه سهولتون آھن نه عملو نه وري دوائون وقت سر مليريا تي ڪنٽرول نه ٿيڻ کان پوءِ انسانن جون زندگيون موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن جيڪڏهن ترت اپاءُ نه ورتا ويا ته ڪورونا وائرس جيان مليريا به بي قابو ٿي سگهي ٿي جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو هوندو