سنڌ جون گهرجون پوريون ڪيو، پنجاب کي اسان سنڀالي وٺنداسين: عظمي بخاريءَ جو شرجيل ميمڻ کي جواب

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جي هارين ۽ ڪڻڪ تي ڏک جو اظهار ڪرڻ کان اڳ سنڌ جون گهرجون پوريون ڪيو، ٻوڏ سنڌ ۾ به آئي هئي اتي متاثرن کي ڪهڙو رليف ڏيو پيا اِهو قوم کي ٻڌايو.
شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي پنجاب ۾ سندس هم منصب عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي خوراڪ سنڌ کان اڍائي ڀيرا وڌيڪ آهي، پنجاب وٽ ڪڻڪ ۾ 6.63 ملين ميٽرڪ ٽن سرپلس آهي، جڏهن ته سنڌ 3.19 ملين ٽن ڪڻڪ جي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته پنجاب حڪومت 2024ع ۾ هارين کي 55 ارب رپيا ۽ 2025 ۾ 98 ارب رپيا رليف ڏنو، پنجاب حڪومت جي زراعت لاءِ بجيٽ 129.8 ارب رپيا آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته ”ڪسان ڀائي ڪارڊ“ ذريعي 60 ارب رپين کان وڌيڪ خريداري ڪري چڪا آهن، مريم نواز گذريل سال هارين کي 9 هزار 500 ٽريڪٽر ڏنا، ۽ ڪجهه مهينا اڳ ڪڻڪ لاءِ 14 ارب رپين جو سپورٽ پروگرام به ڏنو.
هن چيو ته پنجاب جي هارين ۽ ڪڻڪ تي ڏک جو اظهار ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي طلب پوري ڪريو، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي اپت ضرورت کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته سنڌ کي سخت کوٽ منهن ڏئي رهي آهي.
صوبائي وزير چيو ته پنجاب ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ ٻين صوبن جي ضرورت به پوري ڪري ٿو، جڏهن ته سنڌ پنهنجي آبادي جي گهرجن پٽاندڙ ڪڻڪ پيدا نه ٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته سنڌ کي ڪڻڪ جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ پنجاب کان سپلائي گهربل هوندي آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته ڪالهه تائين شرجيل ميمڻ ۽ پيپلزپارٽي ٻوڏ تي سياست ڪري رهيو هو، سٺو آهي جيڪڏهن پيپلزپارٽي ٻوڏ تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته ٻوڏ سنڌ ۾ به آئي هئي ، اتي متاثرن کي ڪهڙو رليف پيا ڏيو، اهو قوم کي ٻڌايو.
پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيون پيا ته سنڌ سرڪار کي ڪهڙي تڪليف آهي؟
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اپيلن تي اعتراض ناهي، ڏينهن رات وفاق کي صلاحون ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.