مجبوري سبب حج تي نه وڃي سگهندڙ رجسٽرڊ پانڌيئڙن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مجبوري سبب حج تي نه وڃي سگهندڙ رجسٽرڊ پانڌيئڙن لاءِ سٺي خبر سامهون آئي آهي.
فوت يا سخت بيمار حج پانڌيئڙن بابت مذهبي معاملن واري وزارت طرفان نئين پاليسي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت جيڪڏهن ڪو شخص مجبوري سبب يا فوتگي جي صورت ۾ حج تي نه وڃي سگهي، ته سندس ڪو به ٻيو ويجهو مائيٽ حج تي وڃڻ جو اهل هوندو.
دستاويز موجب، مجبوري سبب حج تي نه وڃڻ وارو شخص به ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اهڙي صورت ۾ کيس جمع ٿيل رقم واپس وٺڻ جو اختيار پڻ هوندو،
دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رقم واپس وٺڻ يا متبادل شخص کي حج تي موڪلڻ لاءِ جوڳو سبب ڄاڻائڻ ضروري هوندو، جڏهن ته رجسٽرڊ حاجي جي بيماري يا فوتگي جو دستاويزي ثبوت پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج تي نه وڃڻ جو ڪارڻ لکي اسٽيمپ پيپر تي جمع ڪرائڻو پوندو، جڏهن ته درخواست سان گڏ بينڪ رسيد ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي به لازمي ڏيڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.