سون مسلسل ٻئي ڏينهن به سوين رپيا سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون في تولي سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سونو 1000 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک 95 هزار 800 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 858 رپيا لاٿ سان 3 لک 39 هزار 334 رپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 10 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 3740 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به في تولي سون جي قيمت 2000 رپيا لاٿ بعد 3 لک 96 هزار 800 رپيا هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.