بلوچستان: گورنر سان ملڻ آيل شاگردن تي پوليس جي فائرنگ، پنج ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل جي رهائشگاهه ٻاهران فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
گورنر جي رهائشگاهه ٻاهران پوليس اهلڪار موجود هئا جتي ڪجهه شاگرد به گورنر سان ملڻ آيا هئا، ان دوران پوليس اهلڪارن ۽ شاگردن ۾ ڏند چڪ ٿي.
پوليس موجب، فائرنگ دوران زخمي ٿيندڙن ۾ 3 شاگرد ۽ 2 پوليس اهلڪار شامل آهن، جن کي زوب سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.