غربت بابت عالمي بئنڪ جي رپورٽ ڇرڪائيندڙ آهي:مزمل اسلم

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا  جي ناڻي واري مشير مزمل اسلم چيو آهي ته فارم 47 واري حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته معيشت سٺي هلي رهي آهي، جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ان جي ابتڙ آهي۔ملڪي معيشت بابت پنهنجي بيان ۾ هن چيو: ”فارم 47 واري حڪومت جو دعويٰ آهي ته معيشت سٺي هلي رهي آهي، پر ٻئي پاسي پاڪستان ۾ تاريخي غربت ۽ بيروزگاري آهي۔ ورلڊ بئنڪ جي غربت بابت رپورٽ ڏسي به انهن جون اکيون نٿيون کلن، ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ته چيئرمين عمران خان جي ڳالهه ورجائي آهي،مزمل اسلم جو چوڻ هو ته پاڪستان جو معاشي ماڊل غربت جي حساب سان مڪمل طور ناڪام آهي۔ هن چيو ته عمران خان صاحب بار بار اها ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان زميني حقيقتن کان ڪيترو واقف آهي ۽ موجوده حڪومت ڪيتري غيرذميوار ۽ غافل آهي۔

190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ درخواستن تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي  ملتوي

اسلام آباد(بيورو)190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب پراسيڪيوٽر جي بيماري سبب  عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي جون درخواستون بغير ڪارروائي ملتوي ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تي ٿيندي۔اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد اعظم خان تي ٻڌل ٻن رڪني بئنچ ڪئي۔ ٻڌڻي دوران وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، عمران خان جون ڀينرون ۽ وڪيل به موجود هئا۔درخواستگذارن جي پاسي کان بيرسٽر سلمان صفدر پيش ٿيا، جن عدالت کي ٻڌايو ته اڄ ڪورٽ روم تائين پهچڻ ۾ کين مشڪلاتون پيش آيون ڇاڪاڻ⁠ ته  عدالت جي ٻاهران ملٽي ليئر سيڪيورٽي لڳل هئي، جنهن سبب رڪاوٽون ۽ ڏکيائيون ٿيون۔ هن تي چيف جسٽس معذرت جو اظهار ڪيو۔نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس جو اسپيشل پراسيڪيوٽر سخت بيمار آهي ۽ پيش نه ٿي سگهيو۔ ان تي بيرسٽر سلمان صفدر اعتراض ڪيو ته نيب هميشه هن ڪيس ۾ دير  جا حربا استعمال ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.