پاڪستان ٽيڪس هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام، آءِ ايم ايف خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالي اداري (آءِ ايم ايف) گذريل مالي سال 12 هزار 970 ارب رپين جو ٽيڪس هدف پورو نه ٿيڻ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا.
ايف بي آر ذريعن موجب، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٻئي اقتصادي جائزي واري ڳالهين کان اڳ معاشي ٽيم ٽيڪس اوڳاڙين ۽ مالي ڪارڪردگي جي ڊيٽا آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس هدف پورو نه ٿيڻ جو وڏو سبب مهانگائي ۾ گهٽتائي، سست معاشي سرگرميون ۽ عدالتي ڪيس آهن.
ايف بي آر بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 12.9 کرب جي ڀيٽ ۾ 11.74 کرب رپيا گڏ ڪيا، جڏهن ته 250 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيس رولڙي جو شڪار رهيا، ڪيس ۾ دير سبب 3.1 ٽريلين رپين جو ٽه ماهي هدف به خطري ۾ آهي، جڏهن ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 10.5 سيڪڙو جو هدف حاصل نه ٿي سگهيو.
ذريعن موجب، گذريل سال اسٽيٽ بئنڪ جي منافعي ۽ پيٽروليم ليوي جي ڪري نان ٽيڪس ريونيو ۾ نمايان واڌ ٿي، پر رئيل اسٽيٽ شعبي جي سست رفتاري سبب نون ٽيڪس قدمن مان گهٽ آمدني ملي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ هدف کان گهٽ ٽيڪس اوڳاڙي جو وڏو ڪارڻ ٻوڏ آهي.
انڪم ٽيڪس فائلرز جو انگ 70 لک مان وڌي 77 لک تائين پهچي ويو، حڪومت 24 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ 2.4 کرب رپيا پرائمري سرپلس حاصل ڪيو، مالي خسارو جي ڊي پي جي 5.4 سيڪڙو تائين محدود رهيو جيڪو هدف کان بهتر هو، پر صوبن سرپلس بجيٽ ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو ۽ 280 ارب رپيا گهٽ جمع ٿيا.
بريفنگ دوران ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي نئين اين ايف سي جي جوڙجڪ بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ صوبن سان صلاح مشوري کانپوءِ جلد اجلاس سڏائڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.