مرحوم عامر محمود جي ياد ۾ اي پي اين ايس جو تعزيتي ريفرنس

ڪراچي (رپورٽر) خواتين ڊائجسٽ گروپ جي چيف ايڊيٽر مرحوم عامر محمود جي ياد ۾ اي پي اين ايس جي رسالن واري ڪميٽي جي انتظام هيٺ تعزيتي ريفرنس ٿيو جنهن جي صدارت چيئرمين ڊاڪٽر وقار يوسف عظيم ڪئي. تعزيتي ريفرنس ۾ مرحوم عامر محمود جي شخصيت ۽ صحافتي صنعت، خاص طور تي رسالن جي ترقي ۽ صحافت جي آزادي لاءِ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي. هن ريفرنس ۾ اي پي اين ايس جي صدر سينيٽر سرمد علي، سيڪريٽري جنرل محمد الياس شاڪر خاص طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ (روزاني عوامي آواز)، يونس مهر (روزاني هلچل)، امتياز ڦلپوٽو (روزاني عوامي پرچار)، فوزيا شاهين (ماهوار دستڪ)، حسينا جتوئي (روزاني مومل)، طاهر قريشي (ماهوار نئي افق)، امجد رائو (روزاني هر لمحا)، علي بن يونس (روزاني بيوپار)، نجم الدين شيخ (روزاني ديانت)، خرم حسين (روزاني ڊان)، اقبال تنيو (روزاني جنگ)، شاهد ساٽي (روزاني وطن گجراتي)، سلمان قريشي (ماهوار نيا رخ) خيالن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.