سرينگر(عوامي آواز نيوز) ڀارت جي زير انتظام علائقي لداخ ۾ مڪمل رياستي حيثيت جي مطالبن تي ٿيندڙ پرتشدد مظاهرا ڳڻتي جوڳي رخ اختيار ڪري ويا آهن، جتي مظاهرين ۽ پوليس جي وچ ۾ ڇڙواڳ جهيڙن دوران گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 59 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن. واقعي کان پوءِ ليهھ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.اطلاعن مطابق، ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. مبصرن ان کي 1989 کانپوءِ لداخ جا سڀ کان سخت پرتشدد مظاهرا قرار ڏنو آهي.اهي احتجاج مقامي ماڻهن جي وڏي تحريڪ جو حصو آهن، جتي هو زمين ۽ زرعي معاملن تي خودمختياري لاءِ لداخ کي مڪمل رياست جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.ڀارتي مرڪزي حڪومت بيان ۾ چيو ته “ڪجهه عنصر” لداخ سان لاڳاپيل ڳالهين ۽ “ڇهون شيڊول” جي توسيع ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن.واقعا ڪيئن وڌيا؟10سيپٽمبر کان شروع ٿيل ڀوڪ هڙتال دوران ٻن احتجاج ڪندڙن جي حالت خراب ٿيڻ تي وڌيڪ ماڻهن کي روڊن تي اچڻ لاءِ سڏ ڏنو ويو.مظاهرين لداخ جي گادي ليهھ ۾ نڪري آيا، جتي ڪجهه ماڻهن بي جي پي جي آفيس تي حملو ڪيو ۽ گاڏين کي باهيون ڏئي ڇڏي.پوليس ۽ نيم فوجي دستن مظاهرين کي روڪڻ لاءِ آنڌي گيس جا شيل فائر ڪيا.لداخ جي ليفٽيننٽ گورنر ڪويِندر گپتا چيو ته “اهي واقعا اوچتو نه پر هڪ سازش جو نتيجو آهن، ماحول بگاڙيندڙن کي نه ڇڏيو ويندو.”مرڪزي گهرو وزارت احتجاج جي اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ تي الزام لڳايو ته هن عرب بهار” ۽ “نيپال ۾ جنريشن زي احتجاج” جا حوالا ڏئي ماڻهن کي ڀڙڪايو.بي جي پي دعويٰ ڪئي ته هي سڄو احتجاج ڪانگريس جي سازش آهي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ خطري واري صورتحال پيدا ڪرڻ آهي.