نوابشاهه جي وڪيل ريما مستوئي جي قتل خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) نوابشاهه سان لاڳاپيل وڪيل ريما مستوئي جي قتل خلاف ڪراچي بار جي وڪيلياڻين سٽي ڪورٽ ۾ احتجاجي /مظاهرو ڪيو. صفيا لاکو، زرقا اڪبر، ربينا، فريدا مڱريو ۽ نازيا دستگير جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته ريما مستوئي کي اڳوڻي مڙس طرفان حياتيءَ جو خطرو هو ۽ کيس بار بار ڌمڪيون ملنديون رهيون. مظاهرين چيو ته قتل کي 2 هفتا گذري ويا آهن پر جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ 322 جي بدران 302 تحت ايف آءِ آر ڪٽي وڃي. وڪيلياڻين حڪومت تي الزام مڙهيو ته هو وڪيلن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ ريما مستوئي جي قتل سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.