اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته وڏي ڪريڪ ڊائون جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪي ماڻهو شاهاڻي زندگي گذارين ٿا پر ان حساب سان ٽئڪس نٿا ڏين، سي هاڻ ٽئڪس ڏيڻ جي تياري ڪن. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ فيصل واوڊا لکيو ته جيڪڏهن آمدني جي گوشوارن جي آخري تاريخ تائين گذريل سال جي مقابلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 سيڪڙو واڌ سان ٽئڪس جمع نه ٿيو ته پوءِ گذريل سالن جا به سڀ گوشوارا کوليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ٻي صورت ۾ سخت ڪريڪ ڊائون ٿيندو۽ صرف 30٪ ٽئڪس ڏئي به جان نه ڇڏائي سگهبي . فيصل واوڊا اهو به ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي شاهاڻي زندگي ۽ ٽئڪس ريٽرنز جي تضاد تي بنياد رکندڙ لسٽون تيار ٿي ويون آهن. سينيٽر فيصل واوڊا اهو به چيو ته ٽئڪس چوري ڪندڙ فردن ۽ ڪمپنين جي نشاندهي ڪندڙن لاءِ وڏو انعام رکيو ويو آهي .