لاهور(بيورو)لاهور ضلعي ڪچهرِي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ورڪر فلڪ جاويد خان کي عظميٰ بخاري فيڪ وڊيو ڪيس ۾ پنج ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) حوالي ڪري ڇڏيو۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن اين سي سي آءِ اي فلڪ جاويد کي گرفتار ڪيو هو، الزام هيٺ ته هن پنجاب جي صوبائي وزير اطلاعات عظمیٰ بخاري جي فيڪ وڊيوز تيار ڪيون هيون۔اڄ فلڪ جاويد کي اين سي سي آءِ اي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهنته سندن وڪيل بيرسٽر ميان علي اشفاق عدالت ۾ پيش ٿيا،اين سي سي آءِ اي پاران جسماني ريمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي جوڊيشل مجسٽريٽ نعيم وٽو جي عدالت ۾ ٿي، جنهن بعد پنج ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو۔