ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي چيئرمين صنعان خان قريشي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي سڏ تي سموري سنڌ جا سرڪاري ملازم احتجاج ڪري رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هن سوال اٿاريو ته پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ ساڳي پنشن ۽ رٽائرڊمنٽ پاليسي آهي ته پوءِ سنڌ جي ملازمن سان ناانصافي ڇو پئي ٿئي؟ صنعان خان چيو ته حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري ملازمن جا جائز مطالبا فوري تسليم ڪري. هن سنڌ جي راڳين جي احتجاج جي حمايت ڪندي چيو ته اهي محبت ۽ امن جا سفير آهن، کين ميوزڪ ٽيچر جا جوائننگ ليٽر ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ جسقم فن لطيف ۽ سنڌي ڪلچر سان لاڳاپيل هر آرٽسٽ سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿيندي.