فارم 47 واري حڪومت ننڍي سرگرمي به برداشت نه پئي ڪري:مصطفيٰ نواز کوکر

اسلام آباد (بيورو)وڪيلن جي مشاورت جي موقعي تي پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي جنهن تي مصطفيٰ نواز کوکر سخت ردعمل ڏنو. هن چيو ته انتظاميه جي دٻاءَ هيٺ وڪيلن کي پيغام ڏنو ويو آهي ته هو ڪانفرنس نه ڪن، جڏهن⁠ ته  اسان جو مقصد صرف مشاورت آهي ۽ هي ڪو جلسو يا ڪنونشن نه آهي. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ججز ۽ وڪيلن کي نشانو بڻائڻ انتهائي تشويشناڪ آهي، پر فارم 47 جي حڪومت ننڍي کان ننڍي سرگرمي به برداشت نٿي ڪري. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گاديءَ جي هنڌ ۾ آئين جي هن قدر پامالي جمهوري اصولن جي ابتڙ آهي ۽ اهڙيون حرڪتون ڪنهن جمهوري حڪومت کان اميد نه هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.