ڪنهن سيڪٽر ڪمانڊر جي چوڻ تي فيصلا نه ڪيا: جسٽس جهانگيري

ڪراچي (ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق جهانگيري جي مبينا جعلي ڊگري ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست سميت 7 درخواستون پيروي نه ٿيڻ تي اڪلائي ڇڏيون. ٻڌڻي دوران جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته دنيا ۾ ائين ناهي ٿيندو ته هڪ جج جوابدار بڻجي ڪٽهڙي ۾ بيٺو هجي، مان الله ۽ ان جي نبي جو قسم کڻي چوان ٿو ته مان حلف جي پاسداري ڪئي، منهنجي ڊگري اصلي آهي ۽ مان سڀ امتحان ڏنا آهن، مان ڪا ٽائوٽي نه ڪئي ۽ ڪنهن سيڪٽر ڪمانڊر جي چوڻ تي فيصلا نه ڪيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽  جسٽس عدنان ڪريم تي ٻڌل آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس ثمن رفعت به پيش ٿي. جسٽس جهانگيري موقف اختيار ڪيو ته هن به هن ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل  ڪئي، کيس ڪڏهن ڪراچي يونيورسٽي طرفان ڪو نوٽيس جاري ناهي ڪيو ويو. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا کيس چيو ته هو پهريان درخواست جي ٻڌڻي جوڳو هجڻ وارو معاملو ڏسندا. هن سوال ڪيو ته جنهن ڪيس فائل ڪيو اهي وڪيل ڪٿي آهن؟ ان تي اسلام آباد بار جي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته متاثر شخص کي شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪيئن درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو؟ جسٽس جهانگيري جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين احمد بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته نومبر 2024 ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور سان جسٽس عدنان ڪريم شامل هو، هڪ جڊيشل آرڊر جاري ٿيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جنهن ڪيس ۾ فاروق ايڇ نائيڪ وڪيل هجي ان ۾ جسٽس عدنان ڪريم شامل نه هوندو. ڪجهه ڏينهن اڳ هي ڪيس جسٽس يوسف علي سعيد جي بينچ ۾ لڳل هو، 30 سيپٽمبر تي ڪيس فڪس هو پوءِ هي 25 سيپٽمبر تي ڪيئن لڳي ويو، ان جو سبب ناهي ٻڌايو ويو، ان لاءِ جهڙي نموني هي ڪيس هتي لڳايو ويو آهي، کين ان تي اعتراض آهي. جسٽس عدنان ڪريم جواب ڏنو ته ان ۾ ڪو ذاتي مفاد ناهي، اوهان مون تي اعتراض ڪري رهيا آهيو ته مون کي هي ڪيس نه ٻڌڻ گهرجي. جسٽس عدنان ڪريم ٻڌايو ته فاروق ايڇ  نائيڪ هاڻي ڪيس ۾ ناهي، ان لاءِ هاڻي هي ڪيس ٻڌي سگهون ٿا. بئريسٽر صلاح الدين کيس چيو ته هو پنهنجا اعتراض پيش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن کيس لڳي ٿو ته هو هي ڪيس ٻڌي سگهي ٿو ته سندس اعتراض رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد بار جي وڪيل فيصل صديقي اعتراض ڪيو ته آئيني بينچ هي ڪيس نٿي ٻڌي سگهي، جسٽس عدنان ڪريم ان کي رد ڪيو ۽ چيو ته آئيني بينچ سڀني قسمن جا ڪيس ٻڌي سگهي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ به ان جي تائيد ڪئي ۽  چيو ته آئيني بينچ سڀني قسمن جا ڪيس ٻڌي سگهي ٿي. جسٽس عدنان ڪريم چيو ته هو انصاف جي ڪرسي تي ويٺو آهي، ناانصافي نٿو ڪري سگهي، ان دوران ڌرين جا وڪيل عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري هليا ويا ۽ عدالت درخواست پيروي نه ٿيڻ تي اڪلائي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.