سنڌ ۾ نئين پينشن پاليسي لاڳو ٿيڻ سان لکين سرڪاري ملازمن جي دلين ۾ ڳڻتي ۽ بيچيني وڌي وئي آهي. حڪومت جي دليل موجب پراڻي پينشن نظام ملڪ جي خزاني تي ڳرو بار بڻجي چڪو آهي، ۽ جيڪڏهن ان کي ساڳي صورت ۾ جاري رکيو وڃي ته ايندڙ سالن ۾ بجيٽ جو وڏو حصو صرف پينشنن تي خرچ ٿيڻ لڳندو. پر ٻئي طرف ملازمن جو موقف آهي ته حڪومت کين رليف ڏيڻ بدران سندن محنت جي اجرت کسجي رهي آهي.
ملازمن جو رٽائرڊ کان پوءِ واحد سهارو ان جي پينشن هوندي آهي جنهن مان انکي گهر ٺهرائڻ ۽ پنهنجي اولاد جي شادي جي حاجت به درپيش هوندي آهي يا اهي ڪنهن ڪاروبار ۾ لڳائي پنهنجي اولاد جو مستقبل سنواريندو آهي پر ملازمن جو هي آخري سهارو به حڪومت ڇني رهي آهي جنهن سبب جي ڪري 30,000 کان وڌيڪ ملازم رٽائرمينٽ وٺي ويا آهن ۽ مختلف سرڪاري ادارا ملازمن کان خالي ٿي رهيا آهن جنهن جو بار به سڌو سنئون نون ملازمن تي پوندو ۽ انهن جي تڪليفن ۽ اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. سنڌ جي 30 ضلعن 40 ادارن جا 8 لک ملازم سراپا احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ نئين پينشن پاليسي ۽ الائونسز جي ڪٽوتي خلاف صورتحال وڃي ڪلائميڪس تي پهچي وئي آهي. سنڌ ايمپلائيز الائنس SEA جي سڏ تي 23 سيپٽمبر کان سڀني سرڪاري ادارن جي مڪمل تالابندي ٿي رهي آهي جنهن سبب ٻارڙن جي تعليم به سخت متاثر ٿي رهي آهي (ان جي ذميوار سنڌ حڪومت جا ڪارا قانونَ آهن)۽ SEA طرفان هلندڙ بلدياتي اليڪشن جو پڻ بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ 1 اسڪيل کان وٺي 22 اسڪيل جا سرڪاري ملازم مسلسل احتجاجي ريليون ڪڍي ڪري هي مطالبا ڪري رهيا آهن ته:
نئين پينشن پاليسي نامنظور آهي،نئين پينشن رفارمس جا سڀئي نوٽيفڪيشن واپس ورتا وڃن ۽ پراڻي ملازم دوست پينشن پاليسي بحال ڪئي وڃي.
1 اسڪيل کان 22 اسڪيل جي ملازمن کي ڊي آر اي الائونس %50 ڏنو وڃي.
ملازمن جي پگهار ۽ پينشن %70 وڌائي وڃي.
هائوس رينٽ الائونس وفاقي ملازمن جيترو وڌايو وڃي.
فوتي ۽ سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي.
ادارن کي پرائيويٽائزيشن کان بچايو وڃي ۽ رٽائرمينٽ جي وقت بلوچستان جي ملازمن جيان سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به گروپ انشورنس ۽ پينشن بنيوولينٽ فنڊ ڏنو وڃي. ملازمن اهو به اعلان ڪيو آهي ته: "جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته 6 آڪٽوبر تي دمادم مست قلندر ٿيندو ۽ بلاول هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.”
افسوس آهي ته سنڌ حڪومت گذريل ٻن مهينن کان خاموش تماشائيءَ وانگر صرف ڏسي رهي آهي ۽ ان جي تدارڪ لاءِ ڪوبه ڪردار اڃان تائين ادا نه ڪيو آهي ۽ جهموريت کي ٿڏي آمريت ڏانهن مسلسل وڌي رهي آهي ۽ پنهنجي هوڏ ۽ ڏاڍ تي قائم آهي جيڪا پارٽي ماضيءَ ۾ عوام جي سکَ ۽ چين جو باعث بڻيل هئي اھا ھاڻي ملازمن ۽ عوام جي لاءِ بي آرامي ۽ بيچينيءَ جو باعث بڻجي وئي آهي۽ لاڳيتو پنهنجو ٻٽو معيار ظاهر ڪري رهي آهي ۽ انَ جي ڪنن تي جونءَ به ڪانه ٿي چري لڳي ائين ٿو ته ان جو حقيقي روح نڪري ويو آهي ۽ باقي وڃي آمراڻو کوکلو جسم بچيو آهي.ظلم ۽ نااهلي جي حَدَ ته ڏسو ته ٻئي پاسي سنڌ صوبي کان علاوه باقي ٻين صوبن جا ملازم DRA به کڻي رهيا آهن ته ان سان گڏوگڏ ٻيا مختلف الاؤنسز به سنڌ صوبي جي سرڪاري ملازمن کان ٻيڻ تي حاصل ڪري رهيا آهن. آخرڪار سنڌ جي سرڪاري ملازمن ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي جو انهن سان ٻه اکيائي ڪري تباهيءَ جي دلدل ۾ ڌڪيو پيو وڃي
!سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ هائوس رينٽ الائونس (HRA) به انتهائي گهٽ ۽ نه هئڻ جي برابر آهي،جڏهن ته وفاقي 14 اسڪيل جي ملازمن کي هن بجيٽ ۾ %85جي اضافي سان 50,000 رپيا تائين هائوس رينٽ الائونس ملي پيو پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ صوبي جي ساڳئي اسڪيل واري ملازم کي اڃان تائين پراڻي اسڪيل موجب صرف 2200 رپيا هائوس رينٽ الائونس ملي رهيو آهي.!! جيڪو اڄ جي مهانگائيءَ ۾ بلڪل به معنيٰ نٿو رکي هي هيڏو وڏو فرق سنڌ جي ملازمن سان وڏي ناانصافي آهي،ڇو ته ڪراچي،حيدرآباد، سکر،نوابشاهه، دادو ۽ ميرپورخاص جهڙن وڏن شهرن ۾ ڪرايو آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي 2200 رپين ۾ ته ڪنهن به ننڍي شهر ۾ هڪ ڪمرو به نٿو ملي !! جڏهن ته وفاقي ملازم ساڳي ئي شهر ۾ سٺي رهائش جي سهولت جو الائونس وٺي رهيا آهن.
پاڪستان جي آئين موجب ملڪَ جي هر باشندي کي برابريءَ جا حقَ ملڻ گهرجن پر هتي ته ڳالھ بلڪل مختلف آهي ۽ انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا واري ڪار لڳي پئي آهي. حقيقت ۾ سنڌ جي ملازمن کي به هائوس رينٽ الائونس موجوده مارڪيٽ ريٽ موجب ملڻ گهرجي جيڪڏهن وفاقي ملازم کي 50,000 ملي ٿو ته سنڌ صوبي جي ملازم کي به گهٽ ۾ گهٽ 30,000 کان 40,000 ته ملي.!!
سنڌ صوبي ۽ وفاقي ملازمن ۾ اهڙو وڏو فرق ختم ڪيو وڃي، ڇو ته ٻنهي لاءِ مهانگائي ساڳي آهي.
هي معاملو به ملازمن ۾ شديد بيچيني پيدا ڪري رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڪا به اپوزيشن جماعت اهڙي نه رهي آهي جيڪا سرڪاري ملازم دشمن پاليسين خلاف آواز اٿاري. هر طرف رڳو بندر بانٽ ۽ مفادن جي سياست آهي يعني گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو…واري پاليسي لڳي پئي آهي.
معاشي نابرابري جا تلخ مثال: "هڪ استاد، جيڪو سڄي زندگي تعليم ڏئي پاڻ کي ارپي ٿو، کيس رٽائرمينٽ تي صرف 25 لک ڏنا وڃن ٿا، پر هڪ رٽائرڊ ڪرڪيٽر کي هر مهيني 30 لک پگهار ملي ٿي.” ھيءَ احتجاجي تحريڪ عوامي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. "تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به عوام کي حقن کان محروم رکيو ويو، تحريڪن انقلابي رخ اختيار ڪيو.” هاڻي سنڌ جا 8 لک ملازم ۽ 7 ڪروڙ سنڌي خاموش نه رهندا. هي احتجاج صرف تنخواھ يا پينشن جو نه پر زندگيءَ جي بقا ۽ انصاف جي تحريڪ آهي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته حڪومت هڪ اهڙي متوازن پاليسي اختيار ڪري جنهن ۾ هڪ طرف خزاني جو بار گهٽ ٿئي، پر ٻئي طرف ملازمن جي زندگي به محفوظ رهي. ڇو ته رياست جي استحڪام جو دارومدار ئي انهن ماڻهن تي آهي جيڪي پنهنجي محنت سان ادارن کي هلائين ٿا.