ڦلجي اسٽيشن ۾ سُهري تشدد ڪري ننهن کي ماري ڇڏيو

دادو/ ڦلجي اسٽيشن/ راڌڻ (نمائندن وٽان) ڦلجي اسٽيشن جي شفن آباد ڪالوني ۾ راڌڻ وليج واسي روبينا سولنگي کي سهري تشدد ڪري ماري ڇڏيو، مقتول عورت مسمات روبينا سولنگي جي مڙس دلبر سولنگي ۽ سندس ماءُ صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته عورت کي سھري ناجائز لاڳاپا نه رکڻ جي صورت  ۾ سھري هُن مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ ھو سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي اسپتال کڻي وياسين جتي ھو فوت ٿي وئي سندس مڙس ٻڌايو ته مون پنھنجي پيءُ کي ڪيترا ئي ڀيرا سمجھايو پر ھو بي رحم نڪتو اسان سان ظلم ٿيو آھي، ايس ايس پي دادو ۽ لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته وحشي واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ڦلجي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول عورت مسمات روبينا جي وارثن کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو آھي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ سندس وارثن جي چوڻ  موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.