ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي خلاف درخواست تي فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪندي ڪراچي جي ميئر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڇڏيا، ڌرين کان 28 سيپٽمبر تائين جواب به طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل طارق منصور چيو ته ٽيڪس بابت وڌيڪ درخواستون به داخل ڪيو ويون آهن پر جيستائين هن درخواست جو فيصلو نٿو ٿئي تيستائين ٻين درخواستن تي فيصلن تي به عملدرآمد نٿو ٿي سگهي، وڪيل چيو ته ايم يو سي ٽي چارجز جو لاڳو ٿيڻ سنڌ لوڪل گورنمينٽ 2013 جي ڀڃڪڙي آهي، نيپرا به ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪي ايم سي ٽيڪس وصولي قانون خلاف قرار ڏئي چڪو آهي، ڪراچي جو ميئر عدالت جي 29 مئي 2024 واري حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.