ڪراچي (رپورٽر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ٽي وي اينڪر امتياز مير تي حملو ڪندڙن کي هر صورت ۾ قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو ۽ کين قانون موجب سزا ڏني ويندي. هن چيو ته امتياز مير جي خاندان پاران ايف آءِ آر جي داخل بابت جيڪي تحفظات آهن اهي به ختم ڪيا ويندا ۽ صاف شفاف تحقيقات کي يقيني بڻايو ويندو. سعيد غني ٻڌايو ته امتياز مير جي علاج معالجو ۾ سنڌ حڪومت پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪري رهي آهي اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ صحافي ۽ اينڪر امتياز مير جي عيادت دوران ظاهر ڪيو، ان موقعي تي امتياز مير جا ڀائر ۽ خاندان سان گڏ سينيئر صحافي غازي جهنڊير، سليم جهنڊير، نجيب نائيچ، ذيشان منگي ۽ ٻيا به موجود هئا.