تهران (م ڊ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدو اسلامي ملڪن جي سهڪار سان علائقائي سيڪيورٽي جي جامع نظام جي شروعات آهي، صدر پزشڪيان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ايران پنهنجي ٻن ڀائيوارن اسلامي ملڪن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي معاهدي کي ڀليڪار ڪري ٿو، ايران جي صدر وڌيڪ چيو ته ايران ڪڏهن به ايٽم بم ٺاهڻ نه چاهيو آهي نه ئي مستقبل ۾ ٺاهيندو ۽ ايران هن وقت به ڪو به جوهري هٿيار نه ٺاهي رهيو آهي، هن الزام هنيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملا ڪري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايراني سائنسدانن کي نشانو بڻايو ۽ سفارتي غداري ڪئي وئي، مسعود پزشڪيان غزا ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي فلسطيني نسل ڪشي تي جنگي ڏوهاري قرار ڏنو.