ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ تي ڳڻتي، امدادي اگهه 4500 مقرر ڪيو\پيپلز پارٽي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4500 روپيا في من مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين  جي سيڪريٽري جنرل سيد نير حسين بخاري وفاقي وزير غذائي تحفظ جي ڪڻڪ گهرائڻ بابت 1.5 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ جي بيان کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪڻڪ گهرائڻ لاءِ ناڻي تي ڊالر جو وڏو بار پوندو جيڪو برداشت لائق نه ٿيندو، غذائي کوٽ ۽ بحران کان بچڻ لاءِ حڪومت کي عملي منصوبابندي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. نيئر بخاري حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي بجيٽ ۽ وسيلن کي زراعت ڏانهن موڙي، زراعت جي مضبوط ٿيڻ سان صنعتڪار، واپارين کان وٺي مزدورن تائين سڀ فائدو حاصل ڪندا. هن وڌيڪ چيو آهي ته صدر آصف زرداري جي  آبادگار پاليسي تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن آصف علي زرداري ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌائي ته ڪڻڪ جي پيداوار ڌماڪي سان وڌي ۽ ڪيترن سالن تائين ملڪ ڪڻڪ ۾  پاڻ ڀرو ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.