ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر(نمائندا) مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ٻئي ڏينهن به تالابندي رهي، سرڪاري ملازم سراپا احتجاج بڻجي ويا، سنڌ ايمپلائيز الائينس سنڌ پاران پينشن مانڪٽوتي واري ظالماڻي ٿيندڙ فيصلي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ايپڪا صدر حيدرآباد عبدالقيوم شيخ، منير احمد، سراج احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورخاص جي مختلف کاتن ۾ ملازمن جي تنظيم پاران آفيسن جي تالا بندي ۽ تعليمي سرگرميون بند ڪري ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان گل حسن لاشاري، خميسو سمون، سليمان رند، محمد حسن، الله بچايو مهر، پروفيسر ممتاز ڪولاچي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي، دادو ۾ به سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سوين ملازمن علي بخش وگھيو، امتياز علي ملڪاڻي، گلفام لاشاري، عنايت جمالي، راجا رفيق احمد پنهور، فقير مظھر حسين برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي ملازمن معشوق کوسو، خاور حسين ڀاڳت، ڪفايت حسين ڪيهر، هاويز امپلائيز يونين سي بي اي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ غلام رسول ڇڄڙو، ممتاز چانڊيو، رجب علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مٽياري ۾ تعيلمي ادارا اسڪول، ڪاليج، مختلف کاتن جي آفيسن جي مڪمل تالابندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي ئي، علم الدين ميمڻ، سنگھار شاھ. سعيد شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس جي گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو ، جوهي ۾ پ ٽ الف ۽ مختلف سرڪاري کاتن جي ملازمن عبدالحليم لغاري، جنيد عباسي، محمد امين جمالي، غلام شبير شاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ ٻئي ڏينهن بهمظھر علي عباسي، حاجي علي خان ٻگھيو، امام دين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي گهوٽڪي ۾ مختلف ادارن جي تالا بندي ڪري ملازمن طرفان ٻئي ڏينهن به بهاول گهوٽو، اورنگزيب مهر، جاويد ڪولاچي، وجي ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ به گسٽا جي عهديدارن ڊويزنل اڳواڻ اڪبرعلي ملڪ، ممتازعلي چاچڙ، ثناءُ الله چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ به سرڪاري ملازمن طرفان احتجاج ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر عبدالفتاح راجپر، عبدالستار پٺاڻ، معشوق وڳڻ، اشرف قريشي، نظام الدين ڪلھوڙو، يوسف منگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ٽنڊو محمد خان ۾ به ڪاريون پٽيون ٻڌي ملازمن غلام محمد ڇلگري، منير ڀٽي، روينيو کاتي جي پير فيصل جان سرهندي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، شڪارپور ۾ به ملازمن عبدالوحيد ڄامڙو ۽ ٻين پينشن ۾ ڪٽوتي، فوتي ڪوٽا جي بحالي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو، ٽنڊو الهيار ۾ به سرڪاري ملازمن ميهار خاصخيلي، محمد خان جروار، جليل بلوچ، اعجاز عباسي، ذوالفقار مشوري، حڪيم بهراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، سکر ۾ به سرڪاري ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته گهوڙا ٻاري، وڳڻ، مٺياڻي، ميرو خان، قمبر، ڏوڪري، موهن جو دڙو، آريجا، خيرپور، سڳيون، ڳڙهي خيرو، ٽالپر وڏا، عمرڪوٽ، سانگهڙ، چيلهار، نصيرآباد، عثمان شاهه هڙي ۽ ٻين شهرن ۾ به سرڪاري ملازمن طرفن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاجي مظاهرن دوران اڳواڻن جو چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي ڪرڻ جون تياريون هلي رهيون آهن، بينئول فنڊ نٿو ملي، سن ڪوٽا تي پابندي آهي، گروپ انشورنس پڻ نٿو ڏنو وڃي، ملازمن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي، حڪومت جي ظالماڻي فيصلي کي قبول نه ڪنداسين، مزاحمت جاري رهندي، مطالبا پورا نه ٿيا ته سخت احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويندا.