حيدرآباد: ڪانفرنس ۾ پڌرنامون جاري ڪندي چيو ويو ته پاڪستان ٺھڻ شرط موقعي پرست ۽ مفاد پرست سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي سهڪار سان اسٽيبلشمينٽ اقتدار تي قابض ٿي ملڪ کي آمريڪي سامراج، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جھڙن سامراجي مالياتي ادارن وٽ گروي ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ اسيمبليون، پارليامينٽ ۽ قانونساز ادارا توڙي عدالتون بي اختيار ۽ رٻڙ اسٽيمپ بڻيل آھن. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي اسٽبلشمينٽ مڪمل قبضو ڪري ڪڏهن مارشل لائن ته ڪڏهن جمھوريت جي نالي ۾ هائيبرڊ مارشل لا لڳائي ڪارن قانونن، آرڊيننس ۽ ترميمن وسيلي اظهار جي آزاديءَ سميت عوام جا قانوني، آئيني، جمھوري ۽ انساني حق ختم ڪيا آھن. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي هڪ خاص موقف پيش ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو. وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي اشرافيه، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي جو ناجائز قبضو آهي. ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ صوبن کان حق حڪمراني کسڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. اسين سمجهون ٿا ته ملڪي حڪمران ۽ اسٽيبلشمنٽ ملڪ کي ھڪ دفعو ٻيھر 1971ع واري صورتحال طرف ڌڪي رھيا آھن. سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ملڪ جي خالق سنڌ سان دشمني آھي،