شبير تنولي کي موت جي سزا ڏني وڃي:زيادتي جو شڪار نينگريون

 ڪراچي (رپورٽر) قيوم آباد ۾ ٻارڙين سان زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار شبير تنولي کي متاثر چار متاثر نينگرين پاران موت جي سزا جو مطالبو ڪيو ويو، مقامي عدالت ۾ پوليس پاران متاثر نينگرين کي پيش ڪيو ويو، متاثر نينگرين بيان ڏيندي چيو ته وحشي جوابدار شبير تنولي کي موت جي سزا ڏني وڃي، هنن چيو ته هو جوابدار کي سڃاڻين ٿيون جوابدار جو نالو شبير تنولي آهي، شبير تنولي اسان کي پئسن جي لالچ ڏئي پنهنجي ڪمري وٺي وڃي غلط حرڪتون ڪندو هو، هُن ڪيترائي ڀيرا زيادتي ڪئي ۽ وڊيوز به ٺاهيون، نينگرين چيو ته جوابدار ڌمڪائي چوندو هيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ٻڌائيندئو ته وڊيوز انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪري ڇڏيندس، ڊڄ سبب اسان ڪنهن کي به ڪجهه نه ٻڌايو جنهن بعد عدالت چئني متاثر ننينگرين جا 164 وارا بيان رڪارڊ ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.