واٽس ايپ ۾ پيغام ترجمي وارو فيچر اچي ويو، استعمال جو طريقو ڄاڻيو

ميٽا جي ملڪيت پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ڊوائيس جي اندر پيغامن جو ترجمو ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي.
هي نئون آن ڊوائيس ٽرانسليشن فيچر واهپيدارن کي ايپ مان نڪرن کانسواءِ ئي چيٽس جو ترت ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ هي فيچر 180 ملڪن جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اينڊرائيڊ فونز ۾ هن فيچر تحت انگريزي، اسپينش، هندي، پرتگالي، روسي ۽ عربي ٻولين جي سپورٽ موجود هوندي.
آءِ او ايس ڊوائيسز ۾ 19 ٻولين جي سپورٽ ايپل ٽرانسليشن جي ذريعي فراهم ڪئي ويندي.
واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هاڻ واهپيدار مختلف ٻولين ۾ آيل پيغامن جو ترجمو ڪجهه سيڪنڊن اندر ڏسي ان موجب جواب ڏئي سگهندا.

فيچر ڪيئن استعمال ڪجي؟
اينڊرائيڊ فونز ۾ فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ گهربل پيغام کي ڪجهه دير تائين دٻايو، پوءِ مٿئين ساڄي پاسي موجود ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪري ٽرانسليٽ ۽ پوءِ ٻولي چونڊيو.
ان کان پوءِ گهربل پيغام جو ترجمو ترت ظاهر ٿيندو.
اينڊرائيڊ واهپيدار هڙني چيٽس لاءِ آٽوميٽڪ ٽرانسليشن آپشن پڻ آن ڪري سگهن ٿا.
ان آپشن ذريعي مستقبل ۾ انهي ڪانٽيڪٽ جا سڀ پيغام پاڻمرادو ترجمو ٿي ويندا.
ترجمي وارو عمل مڪمل طور تي ڊوائيس جي اندر ٿيندو ۽ ڪنهن ٻئي کي واهپيدار جي چيٽس تائين رسائي نه هوندي.
آءِ فونز ۾ به اِهو فيچر ساڳئي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر اتي آٽوميٽڪ ٽرانسليشن وارو آپشن موجود نه هوندو.
ڪمپني موجب، فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ جلد ئي سڀني واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.
هي نئون فيچر ون آن ون چيٽس، گروپ چيٽس ۽ چينل اپڊيٽس تي به ڪم ڪندو، جڏهن ته واٽس ايپ ويب ۽ ونڊوز ورزن ۾ اڃا تائين دستياب ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.