ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪيترن ماڻهن کي هيءَ ڳالهه معمولي لڳي سگهي ٿي، پر حقيقت اها آهي ته منهن تي نڪرندڙ داڻن يا موهيڙن جو هڪ وڏو سبب وهاڻي جي ڇَوَ به ٿي سگهي ٿو. هي اهڙو عنصر آهي جنهن ڏانهن ماڻهن جو گهڻو ڌيان نه ويندو آهي، پر ماهرن جي خيال ۾ چمڙي جي صحت لاءِ اهو تمام اهم آهي.
وهاڻي جي ڇَو ڪنهن به چهري تي ناڪاري اثر ڇو ڇڏي ٿي؟
تيل ۽ پگهر جو گڏ ٿيڻ:
سمهڻ وقت منهن ۽ مٿي مان نڪرندڙ پگهر، قدرتي سڻڀ (sebum) ۽ رکي کَل جا ذرڙا وهاڻي جي ڇَوَ ۾ جذب ٿين ٿا جنهن سان چهري جو سڌو سنئون رابطو ٿئي ٿو.
جراثيم ۽ بيڪٽيريا:
جيڪڏهن وهاڻي جي ڇَوَ کي ٿوري ٿوري وقت ۾ نه ڌوتو وڃي ته ان ۾ بيڪٽيريا پيدا ٿي سگهن ٿا، جيڪي چهري جي چمڙي تي منتقل ٿي داڻن جو سبب بڻجن ٿا.
وارن ۾ لڳايل شيون:
وارن ۾ لڳل تيل، اسپري يا ٻيون شيون به وهاڻي جي ڇَوَ تي چمبڙي پوندا آهن، جيڪي وري چهري تي لڳي چمڙي جا سوراخ بند ڪري سگهن ٿا، جن سان پڻ داڻا ۽ موهيڙا ٿين ٿا.
ميڪ اپ جي باقيات:
ڪيترين ئي عورتن کي ميڪ اپ صاف ڪرڻ بنا ئي سمهي پوڻ جي عادت هوندي آهي ڇو ته اهي رات جي وقت شادي جي تقريبن تان دير سان واپس اچن ٿيون ۽ ان وقت انهن کي ميڪ اپ لاهڻ جو وقت ناهي هوندو، جيڪڏهن ميڪ اپ صاف ڪرڻ بنا ئي سمهي پئجي، ته اهو به وهاڻي جي ڇَوَ تي لڳي وڃي ٿو، جيڪو ٻئي ڏينهن چمڙي لاءِ خطرناڪ جراثيمي ماحول پيدا ڪري ڪندو آهي.
احتياط ۽ ماهرن جون صلاحون:
- هر 2 کان 3 ڏينهن ۾ وهاڻي جي ڇَوَ ضرور مٽايو.
- ڪپهه (cotton) يا سلڪ جون ڇَئون استعمال ڪريو، ڇو ته اهي چمڙي لاءِ نرم ۽ هوا دار هوندا آهن.
- سُمهڻ کان اڳ چهري کي سٺيءَ ريت ڌوئڻ جي عادَت وجهو.
- جيڪڏهن وار سڻڀا هجن ته سُمهڻ کان اڳ ڌوئي وٺو يا ٻڌي پوءِ سمهو.
ڪجهه چمڙي جي ماهرن (Dermatologists) جي صلاح آهي ته جن ماڻهن کي چهرن تي داڻن جو مسئلو هجي، انهن لاءِ روزانو يا گهٽ ۾ گهٽ هر ٻئي ڏينهن وهاڻي جي ڇَوَ مٽائڻ ضروري آهي.