لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪيٽيگري تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته کيس 2027ع تائين ڪپتان برقرار رکڻ جا به چٽا امڪان آهن.
سينٽرل ڪنٽريڪٽ 26-2025 ۾ شان مسعود کي ڊي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو هو، جڏهن ته ون ڊي ڪپتان محمد رضوان ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪپتان سلمان آغا کي بي ڪيٽيگري ڏني وئي هئي.
ذريعن موجب، شان مسعود کي ٻيهر سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ بي ڪيٽيگري ملڻ جو امڪان آهي.
شان مسعود گذريل سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ بي ڪيٽيگري ۾ شامل هو.
ڪپتان شان مسعود جي اڄ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات به ٿي، جنهن کانپوءِ کيس فري هينڊ ملڻ بعد ڪپتاني تان هٽائڻ وارين افواهن دم ٽوڙي ڇڏيو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪپتان شان مسعود ۽ ڪوچ اظهر محمود کي مڪمل سپورٽ ۽ فري هينڊ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
ذريعن موجب، ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي سرڪل 27-2025 تائين ڪپتان برقرار رکڻ جا چٽا امڪان آهن.
شان مسعودکي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ترقي ڏيڻ سان گڏ 2027 تائين ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو
You might also like