پاڪستاني ڏاڍا ڀلا آهن، سٺا کاڌا کارائيندا هئا: اشانت شرما

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر اشانت شرما پنهنجي ڪيريئر ۾ پاڪستان جي دوري جون يادون تازيون ڪندي پاڪستان جي مهمان نوازي جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ”پاڪستاني ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن، سٺي آجيان ڪندا آهن ۽ سٺا کاڌا کارائيندا آهن.“
ڀارتي يوٽيوب چئنل جي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي اشانت شرما چيو ته ”پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ موجوده ماحول (ڇڪتاڻ) هاڻي بڻيو آهي، شروع ۾ ته اسان گڏ سيريز به کيڏندا هئاسين.“
اشانت شرما موجب،ه ”اسان سيريز کيڏڻ پاڪستان به ويا هئاسين، پاڪستاني خراب نه آهن، اصل ۾ ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن، اسان کي انهن سان کيڏڻ م ڏاڍو مزو ايندو هو.“
ميزبان جي سوال تي هن چيو ته ”پاڪستان خلاف ميچ ۾ دٻاءُ وڌيڪ هوندو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجي خيال ۾ اڳي پاڪ-ڀارت ميچ جو دٻاءُ وڌيڪ هوندو هو، ڇو ته ڀارتي ٽيم جنهن پاڪستاني ٽيم خلاف کيڏندي هئي، ان ۾ وسيم اڪرم، وقار يونس، شعيب اختر، شاهد آفريدي، ثقلين مشتاق ۽ انضمام الحق جهڙا وڏا رانديگر هوندا هئا، اهي سڀ وڏا نالا هئا.“
ياد رهي ته 2008ع ۾ پاڪستان ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪئي هئي ۽ ان وقت اشانت شرما ڀارتي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.