ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته دبئي ۾ فاسٽ بالرن کي ايتري سوئنگ ناهي ملندي، اسان وڏين ٽيمن کان ڪجهه ميچون هارائيون آهن پر ايشيا ڪپ کٽڻ آيا آهيون.
سريلنڪا خلاف ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران شاهين آفريدي چيو ته پاڪستاني فاسٽ بالر جارحاڻو مزاج رکندڙ آهن، وڪيٽون وٺڻ ۽ جارحاڻي مزاج سان بالنگ ڪرڻ اسان جو ڪم آهي پر دبئي ۾ فاسٽ بالر کي ايتري سوئنگ نٿي ملي.
فاسٽ بالر خواهش ظاهر ڪندي چيو ته چاهيان ٿو ته ٽيم ۾ پنج ئي فاسٽ بالر کيڏن، پر ٽي ٽوئنٽي هڪ ٻه رانديگر ئي پرفارم ڪندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ” اسان وڏين ٽيمن خلاف ڪجهه ميچون نه کٽي سگهيا آهيون، پر ڪجهه ميچون کٽيون آهن، اڃا فائنل ۾ ناهيون پهتا پر ايشيا ڪپ کٽڻ آيا آهيون.“