اسلامي نظرياتي ڪائونسل ودهولڊنگ ٽيڪس کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ودهولڊنگ ٽيڪس کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته اهو زيادتي جي برابر آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر راغب نعيبي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي 11 سيپٽمبر تي فيصلي تي به خدشن جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ نڪاح کانپوءِ رخصتي کان اڳ طلاق جي صورت ۾ خرچ جي ادائيگي لازمي قرار ڏني وئي هئي، ڪائونسل موجب اهو فيصلو قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي.
انساني کير ذخيرو ڪندڙ ادارن جي قيام جي حوالي سان ڪائونسل چيو ته مخصوص شرطن تحت اهي ادارا قائم ڪري سگهجن ٿا پر ان کان اڳ لازمي قانون سازي ڪئي وڃي ۽ ان عمل ۾ ڪائونسل کي شامل ڪيو وڃي.
ڪائونسل ديت جي قانون ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي به مخالفت ڪندي چيو ته ديت جي قانون ۾ ترمي لاءِ پيش ڪيل بل سان اتفاق نٿا ڪيون، بل ۾ چاندي کي ختم ڪرڻ ۽ سون جي غير شرعي مقدار کي معيار بڻايو ويو آهي.
ڪائونسل چيو ته ديت جا سون، چاندي ۽ اُٺ بابت شرعي مقدار قانون جو حصو رهڻ گهرجن.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل شگر جي مريضن لاءِ حلال جزن جا تيار ڪيل انسولين جي استعمال جي اجازت ڏني پر خنزير جي جزن تي ٻڌل انسولين کان پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان حوالي سان به مناسب قانون سازي تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.