شهباز شريف جي مهانگن پرڏيهي دورن تي سوال اٿڻ لڳا

لنڊن (امتياز گل) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهتل آهي جتي سندس لاءِ 70 کان وڌيڪ ڪمرا بڪ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لنڊن ۾ به سندس دوري دوران 80 جي لڳ ڀڳ ڪمرا بڪ ٿيا هئا. رپورٽ موجب رڳو نيويارڪ ۾ رهائش جو خرچ 3 لک ڊالر کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته وفد ۾ 40 کان 50 تائين وزير، مشير ۽ صحافي شامل آهن. جڏهن ملڪ قرض ۾ دٻيل آهي ۽ عوام مهانگائي سبب پريشان آهي، تڏهن حڪمرانن جا اهڙا شاهي خرچ سوالن کي جنم ڏين ٿا. پاڪستاني حڪومت فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪو واضح اعلان به ناهي ڪيو، جنهن تي پڻ تنقيد ٿي رهي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 24 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.