سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن خلاف سياف پاران ڪراچي ۾ احتجاجي ڪئمپ

ڪراچي(عرفان بلوچ) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن خلاف اعلانيل سنڌ گير احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويئي، ڪئمپ تي سياف مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو، مرڪزي سيڪريٽري جنرل زبير حسن پنھور، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري واجد حسين،  ڪراچي ڊويزن صدر آڪاش ديدڙ، نجف محڪوم جوڻيجو، امير بخش مستوئي، سريندر سنگهه سوڍو سميت سياف ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.سياف اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙي حساس اداري ۾ جتي ميرٽ جي لتاڙ سان ٿيندڙ ڀرتيون نه صرف اھل، فرض شناس ۽ محنتي اميدوارن جي حق تلفي آھي، پر سنڌ جي عوامي ادارن جي ڪارڪردگي، وقار ۽ نظام کي سخت نقصان پھچائڻ جي سازش آھي،هنن چيو ته اھم عوامي ادارا شفافيت، ميرٽ ۽ احتساب جي بنياد تي ھجڻ گھرجن، پر سنڌ حڪومت جي آشيرواد سان اھڙن حساس ۽ اھم ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، سياسي مداخلت ۽ ميرٽ جي لتاڙ عام رجحان بڻجي چڪو آھي، هنن چيو ته سنڌ جي نوجوان شاگردن جي مستقبل سان راند بند ڪئي وڃي، نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ بنياد تي ڀرتي ڪري شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جي شاگردن ۾ وڌندڙ بيچيني سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل ڪرپٽ ڪامورن جي تباھي جو سبب بڻبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.