لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جي دنيا جو مشهور امپائر ڊڪي برڊ 92 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڊڪي برڊ 66 ٽيسٽ، 69 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 7 وومينز ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي.
انگلينڊ سان تعلق رکندڙ ڊڪي برڊ ورلڊ ڪپ فائنل سميت 69 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ امپائرنگ جا فرض نڀايا.
ڊڪي برڊ 93 فرسٽ ڪلاس ميچون پڻ کيڏيون، پنهنجي ڪيريئر دوران هو رانديگرن ۽ شوقينن ۾ تمام گهڻو مشهور رهيو.
يارڪشائر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب ڊڪي برڊ جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي.