اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين پنهنجي ڪبڊي فيڊريشن جو صدر بڻجڻ بابت آيل خبرن تي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته مان 16 سال پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن جو صدر رهيس ۽ ڪبڊي کي روايتي راند مان ڪڍي عالمي سطح جي راند بڻايو، منهنجي دور ۾ ڪبڊي فيڊريشن وزيراعظم ڪپ ۽ سيف گيمز کٽيا، جڏهن ته هاڻ منهنجو وڏو پٽ چوڌري شافع حسين ڪبڊي فيڊريشن جو صدر آهي.
هن چيو ته پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن مون کي سرپرستي لاءِ چيو، مان هر هاڪاري ۽ تعميري ڪم ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، هر ذميوار شهري ۽ محب وطن پاڪستاني کي راندين جي سرپرستي ڪرڻ گهرجي، حڪومت ڪرڪيٽ سان گڏ هاڪي، فٽبال، والي بال، ٽينس ۽ ٻين راندين تي به ڌيان ڏئي.
چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته پاڪ-سعودي دفاعي معاهدو تاريخي ڪاميابي آهي، حڪومت، فوج ۽ عوام مبارڪباد جا حقدار آهن، پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ دنيا اسان جو ڪردار تسليم ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته چوڌري شجاعت حسين کي ڪبڊي فيڊريشن جو نئون صدر بڻايو ويو آهي، پر بعد ۾ ان خبر جي ترديد ڪئي وئي هئي.
You might also like