حيدرآباد دکن(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان محمد اظهر الدين پاڪ-ڀارت ميچ دوران رانديگرن جي هٿ نه ملائڻ واري عمل کي اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ ٽي وي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو ۽ ٽيم جي رويي تي سخت تنقيد ڪئي.
هن چيو ته ڀارتي ڪپتان ۽ رانديگرن کي پنهنجي ڪارڪردگي سان گڏوگڏ ميدان ۾ پنهنجي ورتاءَ سان به دنيا کي هڪ هاڪاري پيغام ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ سدائين ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائيندي رهي آهي، تازو پاڪ-ڀارت ميچ جي موقعي تي ڀارتي رانديگرن پاڪستاني ٽيم سان هٿ نه ملايو جيڪو راند جي اصل روح جي لتاڙ آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽرن پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائي راند جي روح کي ڇيهو رسايو: اظهر الدين
You might also like