اسلام آباد (حبيب اڪرم) سعودي عرب جي باني شاهه عبدالعزيز آل سعود جي مختلف شادين مان 45 پٽ ٿيا، جن مان ڇهه بادشاهه بڻيا. موجوده بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز 2015ع ۾ پنهنجي ڀاءُ شاهه عبدالله جي وفات کانپوءِ تخت تي ويٺو. شروعات ۾ هن پنهنجي ڀاءُ مقرن بن عبدالعزيز کي ولي عهد مقرر ڪيو، پر ڪجهه مهينن بعد کيس هٽائي ڀائٽي محمد بن نائف کي ولي عهد بڻايو، جيڪو دهشتگردي ٽوڙ پاليسين ۾ مشهور هو. 2009 ۾ شهزادي محمد بن نائف کي آپگهاتي بم حملي ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، الزام القاعده تي لڳايو ويو. ساڳي وقت شاهه سلمان پنهنجي پٽ محمد بن سلمان کي نائب ولي عهد ۽ دفاع جو وزير بڻايو. هو رڳو 29 سالن جو هو ۽ عالمي سطح تي گهٽ سڃاتل هو، پر جلدي سعودي سياست جو مرڪزي چهرو بڻجي ويو. اولهه ميڊيا ۾ سندس بابت تڪراري رپورٽون به ڇپيون. دعويٰ ڪئي وئي ته شهزادي محمد بن سلمان کي ولي عهد بڻجڻ کان اڳ ابو رساسا چيو ويندو هو يعنيٰ اهو شخص جيڪو عادت طور گوليون هلائيندو آهي. زمين جي ٽڪڙي لاءِ محمد بن سلمان جج جي ميز تي گولي رکي کيس ڌمڪايو هو. جج شاهه عبدالله سان ان جي شڪايت به ڪئي هئي. شاهه عبدالله 2011 ۾ محمد سلمان جي پيءُ کي دفاع وارو وزير مقرر ڪيو ته شرط رکيو ته سندس پٽ وزارت جي عمارت ۾ داخل نه ٿيندو. بعد ۾ محمد سلمان ئي دفاع وارو وزير بڻجي ويو. اولهه ملڪن موجب هن پنهنجي اقتدار لاءِ منصوبا ٺاهيا. هو پنهنجي والدين جي اثر کان به ڌار ٿي پنهنجو اقتدار مستحڪم ڪرڻ ۾ لڳو هو. جون 2015ع ۾ ڊرامائي واقعن کانپوءِ محمد بن نائف تي دٻاءُ وجهي کيس ولي عهد واري عهدي تان هٽايو ويو ۽ محمد بن سلمان کي ولي عهد بڻايو ويو. محمد بن نائف کي جده ۾ نظربند ڪيو ويو. سندس بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا. ان کان ٿورو اڳ 26 مارچ 2015ع تي محمد بن سلمان دفاع واري وزير جي حيثيت سان يمن تي فوجي آپريشن شروع ڪيو، جنهن کي شروعات ۾ قومي مقبوليت ملي، پر پوءِ اها جنگ سعودي عرب لاءِ وڏو بحران بڻجي وئي. فوجي آپريشن لاءِ محمد بن سلمان آمريڪين کي نظرانداز ڪيو هو. محمد بن سلمان اهو نٿو چاهي ته آمريڪا سندن فيصلا ڪري، کيس برداشت ناهي ٿيندو ته آمريڪا ۾ کيس پٺ تي پيل رياست طور ڏٺو وڃي. محمد بن سلمان جا دوست سمجهن ٿا ته يمن تي حملو محمد بن سلمان جي غلطي هئي. شروعات ۾ سعودي عوام حملي جي آجيان ڪئي پر بعد ۾ اهو حملو سعودي عرب لاءِ مسئلو بڻجي ويو، جنهن کي غلطي قرار ڏنو ويو. محمد بن سلمان، جنهن کي MBS به سڏيو وڃي ٿو، پنهنجن شروعاتي منصوبن ۾ سعودي معيشت کي تيل تي ڀاڙڻ کان آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن آرامڪو جا شيئر وڪڻڻ، عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ۽ عورتن کي مزدور قوت ۾ شامل ڪرڻ جهڙا قدم تجويز ڪيا. سندس مقصد هو ته سعودي عرب کي عالمي سطح تي هڪ نئين طاقت جي حيثيت ڏني وڃي. اولهه ماهرن موجب، محمد بن سلمان شورا يعنيٰ سعودي شهزادن سان مشاورت بعد فيصلن جي روايت ڇڏي ڏني آهي. سعودي عرب جو اڳوڻو آمريڪي سفير چيز فري مين چوي ٿو ته سعودي شاهي ڪٽنب جي اتحاد لاءِ خطرو شورا جي نظريي کي نظرانداز ڪرڻ آهي. محمد بن سلمان شهزادن جي مراعتن ۾ گهٽتائي آندي هئي. هن ڪرپشن خلاف مهم به هلائي هئي. هن 4 نومبر 2017 تي 380 شهزادن ۽ واپارين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو هو. انهن ۾ 11 شهزادا شامل هئا. کين هڪ ارب ڊالر ڏنڊ ڏيڻ تي ڇڏيو ويو هو. محمد بن سلمان 2017 ۾ لبنان جي وزيراعظم سعد الهريري کي مبينا طور تي گرفتار ڪيو. الهريري کي استعيفيٰ لاءِ چيو ويو ۽ هن استعيفيٰ جو اعلان ڪيو. سوال اٿاريو ويو ته هن پرڏيهي زمين تي اهڙو اعلان ڇو ڪيو، بعد ۾ هن استعيفيٰ واپس وٺي ڇڏي هئي. ان واقعي پٺيان حالتون اڄ تائين واضح نه ٿيون. محمد بن سلمان جي ناقد صحافي جمال خشوگي کي قتل ڪيو ويو هو، جيڪو ترڪي ۾ سعود سفارتخاني ويل هو. اولهه ذريعن موجب قتل جي منصوبابندي محمد بن سلمان جي ٻن ويجهن ساٿين جي نگراني ۾ ٿي. جاچ بعد سي آءِ اي الزام هنيو ته حڪم محمد بن سلمان ڏنو. ڊسمبر 2019 ۾ سعودي عدالت خشوگي جي قتل جي الزام ۾ 5 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي پر 20 مئي 2020 تي خشوگي جي پٽ قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيو. محمد بن سلمان جي عمر 40 سال آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته هو ڊگهي وقت تائين طاقتور شخصيت هوندو، هو پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي چڪو آهي.